شهباز ۽ حمزا جي عبوري ضمانت ۾ 20 نومبر تائين واڌ

لاهور(ويب ڊيسڪ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 20 نومبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي. بينڪنگ ڪورٽ ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز خلاف ٻڌڻي ٿي. شوگر انڪوائري، مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، حمزا شهباز ۽ شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿيا، ان موقعي تي شهباز شريف جي ساٿي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان جي وڪيل امجد پرويز کي ڊينگي ٿي ويو آهي ان ڪري هڪ حاضري جي مهلت ڏيو. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ايندڙ مهيني تائين رپورٽ پيش ڪئي ويندي. عدالتي ڪمري ۾ جج کي مخاطب ڪندي شهباز شريف چيو ته وڪيل سان ملاقات ٿي، ان تي مڪمل دليل ڏيڻ چاهيون ٿا. بعد ۾ عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 20 نومبر تائين واڌ ڪندي کين ايندڙ ٻڌڻي تي عبوري رپورٽ ايف آءِ اي کي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو