شهباز پنهنجا ۽ خاندان جي ملڪيتن جا تفصيل نٿو ٻڌائي

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب پراسيڪيوٽر چيو آهي ته شهباز شريف ۽ سندس خاندان ملڪيتن جا ذريعا ٻڌائڻ ۾ ناڪام ويو آهي. لاهور جي احستاب عدالت ۾ شهباز شريف ۽ خاندان جا اثاثا منجمد ڪرڻ جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ نيب پراسيڪيوٽر عاصم ممتاز عدالت ۾ پيش ٿي ڪري دليل ڏنا. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نيب جي طرفان شهباز شريف جي درخواست تي جواب جمع ڪرايو ويو آهي، شهباز شريف پنهنجي گهرواري جي نالي تي ملڪيتون ٺاهيل آهي ۽ شهباز شريف فيملي جائيدادن جي ذريعا ٻڌائڻ ۾ ناڪا رهي آهي. نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته مني لانڊرنگ ايڪٽ ۽ فنانس ايڪٽ موجب جائيدادن جا ذريعا ٻڌائڻ لازمي آهي، شهباز شريف خاندان کان ڪيترائي ڀيرا جواب طلب ڪيو ويو پر شهباز شريف سوڌو هن جي فيملي ڪو به جواب نه ڏنو. عاصم ممتاز وڌيڪ چيو ته شهباز شريف سوڌو ٻين جا اثاثا قانون موجب منجمد ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي شهباز شريف جي وڪيل چيو ته جاچ دوران اثاثا منجمد ناهن ڪيا ويندا، عدالت هن تي نظر ثاني ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو