شهباز شريف ۽ سندس گهر ڀاتين جي سموري ملڪيت منجمند

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) قومي احتساب بيورو يعني نيب قومي اسمبلي ۾ اپوزيسن ليڊر ميان نواز شهباز شريف ۽ سندس گهر ڀاتين جا اثاثا منجمند ڪري ڇڏيا آهن. سندس زال نصرت شهباز پٽن حمزه ۽ سليمان جي نالن تي سوري ملڪيت منجمند ڪرڻ بابت نيب اسٽيٽ بئنڪ، ايڪسائيز، لاهور ڊولپمينٽ اٿارٽي، ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي، جڊيشل هائوسنگ اٿارٽي، هريپور، ماڊل ٽائون ۽ لاهر جي ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي ڌار ڌار خط لکي سندن ملڪيت جي وڪري ۽ منتقلي تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. نيب جو چوڻ آهي ته هو شهباز ۽ سندس گهر ڀاتين جي ٻين ملڪيتن جا تفصيل گڏ ڪري رهيا آهن ۽ لنڊن ۾ هاءِ ڪمشنر سان به رابطو ڪيو ويو آهي ته مقامي انٽظاميا سان رابطو ڪري انهن کي به آگاهه ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو