شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ضمانت منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ) سيشن ڪورٽ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ۽ نائب صدر حمزه شهباز جي ضمانت 10 جولاءِ تائين منظور ڪري ورتي.لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ۽ نائب صدر حمزه شهباز طرفان درخواست ڪئي وئي ته ايف آءِ اي مالياتي اسڪينڊل ۾ طلب ڪري رکيو آهي. ايف آءِ اي کي مڪمل رڪارڊ فراهم ڪري چڪا آهيون پر ان باوجود ايف آءِ اي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي. ان لاءِ ضمانت منظور ڪئي وڃي.  جنهن کان پوءِ عدالت ٻنهي جي 10 جولاءِ تائين ضمانت منظور ڪري ورتي. پيشي جي دوران شهباز شريف چيو ته سمجهه ۾ نه پيو اچي ته مون کي نوٽيس ڇو اماڻيو ويو؟ مون جيل ۾ به چيو هو ته منهنجو شوگرمل سان ڪوبه واسطو نه آهي. منهنجي پيءُ کان ورهاست ۾ مون کي جيڪي ملڪيتون منتقل ٿيون اهي ٻارن کي ڏئي ڇڏيون آهن. مون پڇيو ته شوگرمل سان منهنجو ڪهڙو تعلق؟ ته چيو ويو ته اوهان جي ٻارن جون شوگرملون آهن.پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جو چوڻ هو ته بطور وڏي وزير طور مون شوگر بابت ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا. سنڌ ۽ پنجاب ۾ 2014 ۾  ڪمند جي قيمتن ۾ فرق هو. اسان 182 روپيه في مڻ رکيو ۽ سنڌ 180 رکيو. جنهن کان پوءِ هڪدم سنڌ ڪمند جي قيمت 155 روپيه ڪري ڇڏي ۽ مون کي به چيو  ويو ته اوهان به قيمتون گهٽ ڪريو پر مون  ان کي رد ڪري ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪمند جي قيمت 172 روپيه رکي وئي ته مون کي چيو ويو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچي ويو آهي هاڻ ته سبسڊي ڏني وڃي. جنهن کان پوءِ مون هڪ دفعو ٻيهر اها تجويز رد ڪئي ۽ چيو ته اهو پئسو عوام جو آهي.شهباز شريف  وڌيڪ چيو ته اسان 2012 ۾ ايتهنول تي  2 روپيه ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائي. منهنجي خلاف شوگرمل مالڪان عدالتن ۾ هليا ويا. 2019 ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت اها ايڪسائيز ڊيوٽي واپس وٺي ڇڏي. جيڪڏهن مون کي فائدو وٺڻو هجي ها ته مان اهڙا قدم نه کڻان ها.

پهنجو تبصرو موڪليو