شهباز شريف 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب پاران ميان شهباز شريف کي مني لانڊرنگ ۽ آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ٻڌڻي لاءِ احتساب ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جتي جج جواد الحسن سندس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد هن جسماني رمانڊ تي کيس نيب حوالي ڪرن بابت فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ڪجهه دير بد ٻڌائيدي 14 ڏينهن لاءِ جسماني رامنڊ منظور ڪندي نيب حوالي ڪيو.عدالت هدايت ڪئي ته 13 آڪٽوبر تي شهباز شريف کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ڪيس جي وڌيڪ ڪاروائي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئيوئي. نيب پنهنجي ريفرنس ۾ ڄاڻايو آهي ته 1990 ۾ شهباز شريف پنهنجا نقد اثاثن جي ماليت 21 لک 21 هزار روپيا ڄاڻائي هئي. جيڪي 1998 ۾ هڪ ڪروڙ48 لک 65 هزار روپيا ٿي ويا. هو جڏهن 2008 ۾ وڏو وزير ٿيو ته 10 سالن ۾ 2018 تائين سندس خاندان جي ملڪيت 7 ارب 32 ڪروڙ 80 لک ٿي وئي. ريفرنس موجب ان دوران 13 نيون ڪمپنيون قائم ڪيون ويون ۽ 2 ارب 77 ڪروڙ جي سيڙپڪاري ڪئي ۽ ان سموري آمدني جو ذريعو ناهي ٻڌايو ته رقم ڪٿان آئي. شهباز شريف وڏي وزير سيڪريٽريٽ جي ملازمن نثار احمد ۽ علي احمد جي نالي تي 3 بي نامي ڪمپنيون قائم ڪيون ۽ انهن ڪمپنين ذريعي 2 ارب 44  ڪروڙ روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي. ريفرنس موجب شهباز شريف ڊونگا گلي، ڊي ايڇ اي لاهور ۽ ٻين جاين تي 62 ڪروڙ روپين جي ملڪيت خريد ڪئي. جنهن لاءِ آمدني جو ذريعو هڪ ارب 59 ڪروڙ ٻاهرين ملڪ مان آيل رقم ۽ هڪ ارب هڪ ڪروڙ قرض ڄاڻايو. جانچ ۾ اهي آمدني جا ذريعا ڪوڙا ثابت ٿيا. شهباز شريف جي خاندان جي ملڪيت مني لانڊرنگ بعد 6 ارب 12 ڪروڙ 20 لک روپيا ٿئي ٿي جيڪا 2018 ۾ 7 ارب 32 ڪروڙ 80 لک ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو