شهباز جي عبوري ضمانت ۾ واڌ، جج جو ڪيس ٻڌڻ کان انڪار

لاهور (ويب ڊيسڪ) آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 17 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي. خميس تي حاضري دوران شهباز شريف عدالت ۾ پاڻ پيش ٿيو، جسٽس شهرام سرور جي سربراهي ۾ قائم ٻه رڪني بينچ جي سربراهه ذاتي سبب ڪري ضمانت جي درخواست ٻ+ني کان انڪار ڪندي چيو ته هو چيف جسٽس کي نئين بينچ ٺاهڻ جي درخواست ڪندو. ان مهل سڀ حيران ٿي ويا ته هي ڇا ٿي ويو؟ ساڳئي بينچ اڄ ڌرين جي وڪيلن کي دليل ڏيڻ لاءِ چيو هو. شهباز شريف چيو ته نيب پاڻ چيو آهي ته جاچ مڪمل آهي، مان بيمار آهيان ڪينسر جو مريض آهيان پرڏيهه وڄڻو ٿو پوي، وڏو ڀاءُ بيمار آهي مونکي ضمانت ڏيو. جڏهن ته عدالت شهباز شريف جي درخواست تي عبوري ضمانت ۾ 17 آگسٽ تائين واڌ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي معاملو چيف جسٽس کي ريفر ڪرڻ جو حڪم ٻڌايو. قومي اسمبلي ۾اپوزيشن ليدر ميان شهباز شريف چيو ته  هي ڪيس بدنيتي تي ٻڌل آهي، نيب نيازي حڪومت جي اثر ۾ اچي ڪاررائي شروع ڪئي آهي، نيب اهڙي ڪيس ۾ پنهنجا اختيار استعمال نٿو ڪري سگهي، جنهن ۾ ڪي ثبوت ئي نه هجن، شهباز شريف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عيد کانپوءِ اي پي سي ٿيندي، نيب بابت عدالتي فيصلو سڀني جي سامهون آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو