شهباز شريف جي زال جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور جي احتساب عدالت مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف جي خاندان خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس جي آخري ٻڌڻي وارو فيصلو لکت ۾حڪم جاري ڪري ڇڏيو.احتساب عدالت جي جج جواد الحسن چار صفحن جو فيصلو جاري ڪيو. فيصلي ۾ چيو ويو ته نصرت شهباز جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا کيس پيش  ٿيڻ جو پورو موقعو ڏنو ويو پر هوءَ جاڻي واڻي پيش نه ٿي ۽ پرڏيهه فرار ٿي وئي.حڪم ۾ چيو ويو ته عدالت نصرت شهباز کي مفرور قرار ڏنو ۽ گرفتاري تائين هن جي خلاف مستقل گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.عدالت شهباز شريف جي زال نصرت شهباز جي ملڪ  اندر۽ ٻاهر  ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) نيب لاهور کي هدايت ڪئي ته نصرت شهباز جي ملڪيت ضبط ڪرڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي.لکت واري حڪم ۾ اهو به چيو ويو آهي ته شهباز شريف چيوهو ته عدالتي حڪم باوجود جيل ۾ ڪو فزيوٿراپسٽ  جي سهولت نه آهي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جيل سپرنٽينڊنٽ کي پيش ٿي ۽ وضاحت ڪري جو حڪم ڏنو آهي.عدالتي حڪم ۾ چيو ويو ته ملزم جي وڪيلن ڪيس جي جاچ لاءِ آخري مهلت طلب ڪئي هئي ، جيڪڏهن ملزم جي وڪيلن ايندڙ ٻڌڻي تي نيب جي شاهدن کان جرح نه ڪئي ته انهن جو حق ختم ٿي ويندو.ياد رهي ته احتساب عدالت ڪالهه شهباز شريف جي زال نصرت شهباز کي مفرور قرار ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو