شهباز شريف جو 20 آڪٽوبر تائين رمانڊ منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو 20 آڪٽوبر تائين جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران شهباز شريف جي گهرواري حاضري کان ڇوٽ لاءِ درخواست داخل ڪرائي، عدالت طرفان درخواست تي جواب جمع ڪرڻ لاءِ نيب کي نوٽيسز جاري ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران شهباز شريف چيو ته منهنجي نالي تي هڪ به ٽـِي ٽـِي آيل هجي ته سرينڊر ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، 2005ع کان اڳ برطانيا ۾ منهنجو هڪ رُپئي جو به ڪاروبار نه هو، پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو ته جيئن زندگي گذاري سگهان، شهباز شريف جو چوڻ هو ته چيلهه ۾ سُور هجڻ سبب نماز جي ادائگي ۾ به ڏکيائي ٿي رهي آهي، عمران خان ۽ شهزاد اڪبر جي چوڻ تي مون کي تڪليف ڏني وڃي ٿي، گهر مان ريوالونگ چيئر گهرائڻي پئي ته جيئن نماز ادا ڪري سگهان. حاضري بعد مريم اورنگزيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف جي ڪمري ۽ باٿ روم ۾ شهزاد اڪبر جي چوڻ تي ڪيمرا لڳايا ويا آهن. شهزاد اڪبر روپ مٽائي گاڏيون تبديل ڪري لڪي لڪي نيب آفيس ۾ اهو ڏسڻ اچي پيو ته شهباز ڪيتري تڪليف ۾ آهي. هن چيو ته ڪيس جي ٽرائل شروع ٿيڻ بعد گرفتاري جو ڪو مطلب ناهي پر نيازي جي خواهش هئي ته شهباز شريف جيل ۾ قيد هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو