شهباز خاندان خلاف 2 وڌيڪ وعده معاف شاهدن جا بيان قلمبند

لاهور(ڊيسڪ رپورٽ) نيب چيئرمين جي منظوري بعد مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لاهور جي مئجسٽريٽ آڏو شهباز شريف، حمزه شهباز، سلمان شهباز ۽ نصرت شهباز خلاف بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. آفتاب محمود ۽ شاهد رفيق چيو آهي ته هو انهن لاءِ ڪم ڪندا هئا ۽ پاڪستان مان ڪرپشن جي رقم لنڊن موڪلي اتان پرڏيهي ڪرنسي ۾ رقم شهباز شريف ۽ سندس خاندان جي ڀاتين جي اڪائونٽس ۾ موڪليندا هئا. آفتاب محمود جيڪو شهباز شريف جو فرنٽ مين هو، لنڊن م مني چينجر آهي ۽ هن 1.3 ارب روپين جي برابر پرڏيهي ڪرنسي ۾ رقم شهباز خاندان جي کاتن ۾ منتقل ڪئي. ياد رهي ته مشتاق چيني نالي شخص اڳ ۾ ئي حمزه شهباز خلاف وعده معاف گواهه ٿي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو