شهباز جو نالو اِي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي، جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ 2 رُڪني بئنچ نيب جي درخواست تي ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ وارو لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ برقرار ڪري ڇڏيو. نيب، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، اپيل ۾ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي. ٻئي پاسي لاهور جي احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ ڪيس تي ٻڌڻي دوران اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران جج جواد الحسن پڇيو ته سپرنٽينڊنٽ جيل کي طلب ڪيو هو، اُهو ڪٿي آهي؟ کيس چئو ته جلدي پهچي، ٻي صورت ۾ رستي تي ڊسٽرڪٽ جيل موجود آهي، اسان جو ڪم ٻنهي پاسي قانوني حق کي تحفظ ڏيڻ آهي، شهباز شريف عدالت آڏو چيو ته چيلهه ۾ سُور جي ڪري زمين تي سُمهي نٿو سگهان، عدالت جي حڪم تي بيڊ مليو پر سخت بيڊ نه ڏنو ويو آهي، عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته اورينج لائين جي افتتاح تي قوم کي واڌايون ڏيان ٿو، پي ٽي آءِ منصوبي کي عدالت ۾ گهليو، جنهن سبب دير ٿي ۽ وڌيڪ اربين رُپيا خرچ ڪرڻا پيا، قوم کي نقصان پهچائڻ تي پي ٽي آءِ کي جواب ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو