شهباز جو بلاول سان رابطو، ڪميشن جي ميمبرن بابت مشورو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداري سان فون تي ڳالهه ٻوله ڪئي آهي. ذريعن موجب ٻنهي اليڪشن ڪميشن ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ميمبرن جي خالي جاين تي مقررين بابت صلاح مشرو ڪيو. وزيراعظم عمران خان پاران پيش ڪيل ٽي ٽي نالا ٻنهي اڳواڻن رد ڪندي پنهنجا نالا پيش ڪرڻ بابت مشورو ڪيوئ بلاول کيس چيو ته هو جلد کيس نالا تجويز ڪندو. 25 جولاءِ کان ڪميشن ۾ ٻئي عهدا خالي پيا آهن. قانون موجب 45 ڏينهن اندر اهي عهدا ڀرڻ لازم آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيئرمين نيب جسٽس (ر) جاويد اقبال جو به 8 آڪٽوبر تي مدو پورو ٿي رهيو آهي ۽ نئين چيئرمين جي نامزدگي بابت به صلاح مشورو ڪيو ويو. هن وقت ٻنهي جماعتن جي ليڊرن خلاف نيب ۾ ڪيس هلندڙ آهن. بلاول ڀٽو ملتان پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو