شهبازپاران زلزلي جي فنڊ ۾ ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي ترديد

لنڊن (ڊيسڪ رپورٽ) برطانوي اخبار ميل آن سنڊي دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ شهباز شريف جي ڪُٽنب پاران زلزلي ۾ مليل امداد ۾ خرد برد بابت جاچ هلي پئي ۽ دستياب ثبوتن مان لڳي ٿو ته برطانيا طرفان زلزلي متاثرن لاءِ ڏنل امداد ۾ به هنن گهپلو ڪيو آهي. ميان شهباز شريف ۽ سندس پٽن الزامن جي ترديد ڪئي آهي. برطانوي زلزلي متاثرن لاءِ برطانوي اداري طرفان اٽڪل 50 ڪروڙ پائونڊ پنجاب سرڪار کي ڏنا ويا هئا. برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب پاڪستاني جاچ اداري جي ذريعن جو چوڻ آهي ته کين پڪ آهي ته مني لانڊرنگ ذريعي برطانيا منتقل ڪيل رقم ۾ ڊي ايف آءِ ڊي کان ورتل امداد جو ڳچ حصو شامل ٿي سگهي ٿو. اخبار چيو آهي ته هنن پاڪستان جي تفتيشڪارن وٽ جيڪي ثبوت ڏٺا آهن انهن موجب شهباز شريف جي خاندان وٽ 2003 ۾ ڏيڍ لک پائونڊ هئي جيڪا 2018 ۾ هڪدم وڌي 20ڪروڙ پائونڊ ٿي وئي. ڄاڻايل ثبوتن موجب هن جي آمدن کان اثاثا وڌيڪ آهن. اخبار موجب شهباز، سندس زال نصرت، ٻن پٽن ۽ ٻن ڌيئرن جي اڪائونٽس ۾ لنڊن ۽ متحده عرب امارات مان 202 ٽرانزيڪشن ذريعي لکين پائونڊ منتقل ٿيا آهن. پاڪستاني بئنڪ ۾ شهباز خاندان ڀريل فارم م ڄاڻايو آهي ته اها رقم پرڏيهه مان سندن سڃاڻ وارن سيڙپڪاري لاءِ کين ڏني آهي. برمنگهم جي مني چينجرآفتاب محمود منظور احمد طرفان 13 لک پائونڊ شهباز خاندان جي کاتن م منتقل ڪيا ۽ منظور احمد جي جاچ ٿي ته هو هڪ ڳوٺ ۾ ڪرياني جو دوڪان هلائيندو آهي ۽ ڪڏهن انگلينڊ نه ويو آهي. لاهور ۾ گهٽي ۾ ليمن سوڊا وڪڻدڙ محبوب علي جي شناختي ڪارڊ تي ساڍا 8 لک پائونڊ لنڊن منتقل ڪيا ويا، جڏهن ان جو پتو لڳايو ته هن چيو ته کيس ڪا به خبر ناهي هو ته پيٽ پالڻ لاءِ پريشان آهي. اخبار موجب لاهور جو مني چينجر شاهد رفيق جيڪو گرفتار آهي ان چيو ته ماڻهو پئسا ٻاهر موڪليندا به آهن ۽ گهرائيندا به آهن، انهن پئسا ڪٿان آندا، ان سان اسانجو ڇا، اسين ته ڪاروبار ڪندا آهيون. اخبار موجب پاڪستاني تفتيشڪارن زلزلي بعد تعمير نو بابت ٺاهيل اداري ايرا جي هڪ ڊائريڪٽر اڪرام نويد کي گرفتار ڪيو آهي جنهن 15 لک پائونڊ جر فراڊ جو اقرار ڪندي چيو آهي ته ان مان 10 لک پائونڊ هن علي عمران کي ڏنا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو