شهبازي بلي جي متاثرن جو مائٽن خلاف احتجاج

عادلپور ( رپورٽ اسلم  )ڳوٺ شھبازي بلو جي رھواسين جو پنهنجي برادري جي بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. صحافين سان ڳالهائيندي هنن الزام هنيو ته بااثر اسان جي گھر۽ زمين تي قبضو ڪري لڏائڻ چاھين ٿا. ڳوٺاڻن محمديونس بلو  وزير بلو پرويز بلو نثار بلو مختيار بلو فائق بلو ۽ ٻين چيو ته سندن ئي برادري جي بااثرن غلام قادر اختيار صدام عالم ھاشم بلو ۽ ٻين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي بااثر ڏاڍ جي زور تي اسان جي زمين ۽ گھر جي جاء تي زبردستي قبضو ڪري لڏائڻ چاھين ٿا ھنن وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته گذريل ڏينھن مٿي ڄاڻايل بااثر پنجاھ کان وڌيڪ ھٿياربند ماڻھو وٺي اسان جي گھر تي ڪاھ ڪندي حملو ڪري ڏنو ۽ عورتن مردن ٻارڙن مٿان سخت تشدد ڪيو ۽ جنھن ۾ اسان جا نثار احمد مختيار بلو پرويز بلو علي ۽ ھڪ پوڙھي عورت زخمي ٿي پيا آھن جن کي دادلوء ٿاڻي تي کڻي وياسين ته پوليس به بااثرن سان ٻٽ بڻيل نظر آئي اسان جي فرياد وٺڻ بنا واپس ڪري ڇڏيو ھنن وڌيڪ چيو ته بااثرن جون اسان مٿان زيادتيون گذريل پنجن سالن کان جاري آھن بااثر بار بار اسان مٿان حملو ڪري حراسان ڪري رھيا آھن جن جي زيادتين خلاف دانھين ٿڪجي پيا آھيون پر ڪو اسان جي فرياد ٻڌڻ لاء تيارناھي احتجاج ڪندڙ چيف جسٽس ڊي آء جي سکر ايس ايس پي سکر ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو اسان سان ٿيل زيادتين جو نوٽيس وٺي بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو