شمن ميرالي جي ڀاڻج جا قاتل گرفتار ڪريو، وارثن جو احتجاج

ڪراچي ( رپورٽ باغي ساگر پنھوار )  سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾  جمالي پل گرائونڊ ڀرسان پٺاڻن فائرنگ ڪري سنڌ جي ناليواري فنڪار شمن علي ميرالي جي ڀاڻج بابر عرف خدابخش ميرالي کي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪيس سھراب ڳوٺ ٿاڻي تي داخل ھجڻ باوجود پوليس ھن مھل تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگھي جنھن خلاف مقتول جي وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،  ان موقعي تي مقتول جي ڀاء عامر ميرالي، والد گل محمد ميرالي، مامي رحمت علي ميرالي، سڌير ميرالي ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ظالمن اسان سان ظلم ڪري ڇڏيو اسان جي بيگناھ نوجوان کي گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، اسين فنڪار امن جا سفير بڻجي ھر ھڪ ماڻھو جي چھرن تي خوشيون وکيريندا آھيون، پر اڄ ظالمن اسان جي عيد کان اڳ گھر ۾ ماتم برپا ڪري ڇڏي آھي، واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس ھن ۾ تائين قاتلن کي گرفتار ناھي ڪيو، ھنن سپريم ڪورٽ، سنڌ ھاء ڪورٽ، وزير اعلي سنڌ، ايڊيشنل آء جي، ايس ايس پي اوڀر کان مطالبو ڪيو ته بيگناھ قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فلفور گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراھم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو