بيگم شميم اختر جو مڙهه هزارين آلين اکين سان مٽءَ ماءُ حوالي

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف  ۽ پنجاب جي اڳواڻي وڏي وزيرشهباز شريف جي امڙ بيگم شميم اختر جي جاتي امرا لاهور ۾ جنازي نماز بعد سندس تدفين ڪئي وئي. مرحومه کي پنهنجي مڙس ميان محمد شريف جي پاسي ۾ دفنايو ويو. ن کان اڳ جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ٿيندي نظر نه آيو. مرحومه جو مڙهه لنڊن کان ڇنڇر جي صبح جاتي امراءَ پهچايو ويو جتي آخري رسمون ادا ڪيون ويون. مرحومه جي نياڻي ڪوثربيگم لاش لنڊن مان کڻائي آئي. مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف ۽ حمزه شهباز بيگم شميم اختر جو مڙهه ايئرپورٽ تان وصول ڪيو جنهن کان پوءِ مڙهه کي جاتي امراءَ پهچايو ويو.بيگم شميم اختر جي جنازي نماز شريف ميڊيڪل سٽي رائيونڊ ۾ ظهر جي نماز بعد ادا ڪئي وئي. بيگم شميم اختر 22 نومبر تي لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي.لنڊن مان روانگي کان اڳ بيگم شميم اختر جي جنازي نماز ريجنٽ پارڪ مسجد لنڊن ۾ ادا ڪئي وئي هئي ۽ اتان کان مڙهه پاڪستان روانگي جي لاءِ ايموليبس ذريعي ايئرپورٽ روانو ڪيو ويو.لنڊن ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون سبب 30 ڄڻن کي جنازي نماز ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وئي هئي. جنازي نماز ۾ نوازشريف، اسحاق، ڊار، حسن نواز، حسين نواز، سلمان شهباز  ۽ علي ڊار،علي عمران سميت خاندان جي ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي. ياد رهي ته حڪومت جي ترجمانن پاران شريف خاندان تي تنقيد ڪندي چيو ويو ته هو پاڻ ته چارٽر فلائيٽس ۾ گهمن ٿا پر مرحومه والدهه جو لاش ڪارگو ۾ موڪليو آهي. ياد رهي ته پنجاب حڪومت مبينه بدعنواني جي ڪيسن ۾ ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزو کي جمعي تي منجهند 2 وڳي 5 ڏينهن جي پرول تي آزاد ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو