شرير کي سرور بخشيندڙ، ڀٽائي جو سُر سريراڳ

ليکڪ گلشن سنڌو

لاکيڻي لطيف رح , ڀٽ ڌڻيء,لعل لطيف رح  جو سمورو رسالو انسان ذات کي امن , محبت, اخلاقيات, جو درس ڏيندڙ, روحانيت جا راز سمجهائيندڙ , جامع ۽ مشعل راه رسالو آهي جنهن جا سُر سرير کي سرور بخشيندڙ لاٽ وانگر, ٻاٽ جي نفي ڪندڙ , روشنين جا راهي ۽ ھڪ خدا جي هيڪڙائيء جو ورد ورجائڻ ۽ سمجهائڻ جي هڪ سڻائي سمجهاڻيندڙ, اعلي اخلاقي قدرن جو اهڃاڻ آهن شاھ رح جو ڪلام عالم انسانيت جي لاء انمول ادبي تحفو آهي جنهن مان لاڀ حاصل ڪري سگهجي ٿو. شاه رح سنڌ جو صوفي شاعر آهي هڪ وجد ۽ وجدانيت جي ڪيفيت ۾ رب جي عبادت ۾ محو رهندڙ, پنهنجي شاعريء ۾ به رب جي حقيقي عشق ۽ ديوانگي ء جي حد تائين راغب ٿي دنيا جي وهنوارن کي پاسيرو ڪري هڪ يڪتا رب جي عبادت ڪرڻ جو درس ڏيئي ٿو سندس سُرن جي بظاهر ته ٻي معني نڪري ٿي پر حقيقت ۾ هن دنيا جي خفن مان جان ڇڏائي, دنيا جي حرص, هوس سان ناتو ڇني , حقيقتن, ۽ سچ جي سوڀ جو درس شاه رح جي ڪلام ۾ ملي ٿو هر سُر خوبصورت سُر آهي جن مان سرُ سريراڳ به اهميت جو حامل سُر آهي هي هندوستان جي راڳن مان هڪ راڳ آهي جنهن ۾ ملاحن, ٻيڙياتن, سامونڊين, معلمن ۽ مهراڻ جو ذڪر آهي شاه رح فرمائي ٿو ته ,

منجهان پيئي مڪُڙيء, ڪا جا پاڻيء بُوند

سڀئي ڏٺم رُوند , وکرُ جن وڃائيو

هن سرُ ۾ دنيا کي مهاساگر سان تشبيھ ڏني وئي آهي ۽ انسان کي ملاح سان ڀيٽ ڏني وئي آهي  سرُ سريراڳ ۾ اخلاقي قدرن جو پڻ ذڪر آهي يعني جنهن ملاح جو جهاز اخلاق, ادب ,اخلاص جي وکر سان ڀريل هوندو ته اهڙو انسان توبھ تائب سان خطرناڪ کان خطرناڪ طوفان مان به اُڪري پار لڳندو شاھ فرمائي ٿو ته,

جيڪي منجُھ جهان, سو تاريء تڳي تُنهنجي

لُطف جي لطيف چئي تو وٽ ڪمي ڪا نه

عدُل ڇُٽان آءُ نه, ڪوڦيرو ڪج فضُل جو

يعني هن دنيا ۾ جيڪي به آهي سو ڌڻيء جي سهاري پيو تڳي اهو رب ئي آهي جيڪو ڪرم, ٻاجھ بي حساب ڪري ٿو ٻانهن جي لاء رب وڏو رحيم ۽ ڪريم آهي هن سُر جي هڪ ٻي صورت شاه صاحب رح اڳتي سرُ سامونڊيء جي صورت ۾ ظاهر  ڪئي آهي هن سُر ۾ اهو پڻ سمجهايو ويو آهي ته هڪ خدا جي ياد ۾ يعني عبادتن ۾ گم ٿي خدا ڳوليو, لطيف رح فرمائي ٿو ته,

ساري رات سبحانُ, جاڳي جن ياد ڪيو

اُن جي عبداللطيفُ چئي, مٽيء لڌو مانُ

ڪوڙين ڪن سلامُ , آڳه اچيو اُن جي

يعني جنهن به خدا جي عبادت ۾ راتيُون جاڳي گُذاريون انهن جي مٽي به مان لهڻي ٿي ۽ سڀ سندن کي سلام ڪن ٿا. سرُ سريراڳ, ۾ هن دنيا جي حرص  کي ننديو ويو آهي جيئن سمنڊ ۾ ڪيئي لهرون آهن ان جو ڪو ليکو ئي ناهي بلڪل , انسان هن دنيا جي وهنوارن ۾ گم رهي ٿو جن جو ڪو شمار ئي ڪونهي لالچ, حرص,هوس, اُلڪا, خفا جن مان انسان جان ڇڏائڻ بجاء انهن جو عادي ٿي وڃي ٿو جن جو ڪو انت ئي ناهي هن سُر ۾ انهن وهنوارن کي پرڀرو رکندي هڪ خدا جي ياد ۾ سندس املھ عبادتون ڪرڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي حضرت شاه عبداللطيف رح فرمائي ٿو ته,

ساري رات سُبحان, سودو ڪن صاحب سين

ٻانهپ ڀري ٻيڙيُون, هليا جوپ جُوان 

پاڻي پهلوان, لحظي منجُھ لنگهي ويا

يعني عقل جا اڪابر ٻيڙياتا, سڄي رات رب کي سنڀاريندي گذارين ٿا اهي جوان , پنهنجون ٻيڙيون, ٻانهپ جي وکر, عجز ۽ نياز سان ڀري نڪرن ٿا, ۽اهي سورهيه کن پل ۾ سمنڊ اُڪري وڃن ٿا هڪ ٻئي بيت ۾ شاه رح فرمائي ٿو ته, 

وير م لاهي ويھُ, مٿي آر اوڙاه جي

پسي پاڙي واريُون, ڪج انديشو ايه

ويندو نه پسين ڏيهُ, پتڻ هُن پار مڻي۾

يعني هن دنيا جي غفلت ۽ سستي ڇڏي ڇا تون پاڙي وارين ۽ ٻين کي ٻئي جهانُ  ڏانهن لڏيندو نه ٿو ڏسين,,,,, هوشيار ٿي هوش ڪر , هي جهان اوڙاه اٿئي . سرُ سريراڳ ۾ ڇھ داستان آهن داستانن ۾ ست کان پندرهن بيت موجود آهن وايون پڻ پڙهڻ لاء ملن ٿيون هي سُر روحانيت سان ٽمٽار سُر آهي لطيف رح فرمائي ٿو ته,

سُتا سڀ پئي,سندي معلم آسري

ائين پڻ سُمهو, ناکُئا بندر ناه ڀئي

جن جي سيد لڄ کنئي, سي سڀ لگهندا لڪيُون

يعني, ڪامل رهبر جي آسري سڀ سمهي پيا, بندر تي هينئر ڪوبه ڀءو ڪونهي جن جي لڄ سردار پاڻ کنئي سي سڀئي مشڪل راهون اُڪري ويندا .سرُ سريراڳ , سامونڊين  وڻجارن جي باري ۾ آهي هن سُر جي روحاني معني آهي ته ,دل مان فڪر, غم ميٽي رب جي رضا تي راضي ره , دنيا جي حرص و هوس جي ڪُن کان پاسيرو ره ۽ سدا سبحان کي ياد ڪندي جيون کي املھ, انمول بنائڻ لء جهد ڪر, غافل نه ره ڇوته اجل تنهنجو اٽل آهي .

پهنجو تبصرو موڪليو