شرجيل جي گهروارن سميت مفرور ملزم پيش ڪريو،عدالت

ڪراچي (دريا خان شر) احتساب عدالت پي پي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ سندس گهر واري صدف شرجيل ۽ ٻين مفرور  جوابدارن کي 21 ڊسمبر تائين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڇنڇر تي  شرجيل انعام ميمڻ جي گهر واري صدف شرجيل ۽ والده زينت انعام ميمڻ ۽ ٻين پاران گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ٻڌڻي دوران شرجيل انعام ميمڻ جي گهر واري جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شرجيل انعام ميمڻ جي گهر واري دبئي ۾ آهي ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ احتساب عدالت جي فيصلي خلاف حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ شرجيل ميمڻ جي گهر واري ۽ ٻين جا گرفتاري وارنٽ به معطل ڪري ڇڏيا آهن. شرجيل ميمڻ جي گهر واري سميت ٻيا جوابدار 14 ڊسمبر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندا جنهن بعد عدالت مفرور جوابدارن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته احتساب عدالت شرجيل ميمڻ جي گهر واري صدف شرجيل ميمڻ ۽ ٻين جا  ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا. جن ۾ شرجيل ميمڻ جي گهر واري، شرجيل، والده، ذيشان، اظهار حسين، محمد سهيل، سيف الله لوهار، آغا حسن، شوڪت علي ٿيٻو، ڪامران گل ۽ وسيم اختر ٿيٻو جوابدار طور نامزد ٿيل آهن. نيب پاران داخل ڪيل ريفرنس ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته شرجيل ميمڻ پنهنجي والده، گهرواري، پٽ ۽ ٻين جي نالن تي  2 ارب 27 ڪروڙ 9 لک رپين جو ملڪيتون ٺاهيون جيڪي سندس جائز آمدني مان ممڪن نه هيون. ياد رهي ته شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين خلاف پوڻا 6 ارب رپيا ڪرپشن جو ريفرنس اڳ ئي ٻڌڻي هيٺ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو