شبير بجاراڻي جي چاچڙ برادري سان تعزيت

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) صوبائي وزير ۽ پ پ ايم پي اي مير شبير علي خان بجاراڻي ڪچي جي دراني مھر واري علائقي ۾  ٻھ ھفتا اڳ ڳوٺ مينگل چاچڙ ڀرسان ھٿياربندن جي فائيرنگ ۾ مارجي ويل چاچڙ برادري جي نون ڄڻن جي وارثن سان ڳوٺ پھچي تعزيت ڪئي۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب ڳوٺ مينگل چاچڙ ڀرسان ٻھ ھفتا اڳ چوپائي مال جي چوري واري تڪرار تان سبزوئي ۽ جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن جي فائيرنگ ۾ مارجي ويل ھڪ ئي گھر جي نون ڀاتين جي وارثن سان عذرخواھي ڪئي۔ ان موقعي تي ڳوٺ جي چڱي مڙس رئيس مينگل کيس چيو ته ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ اسان سان ھر قسم جو تعاون ڪري رھيو آھي۔ ھن اسانکي  ييقين ڏياريو آھي ته ھر حال ۾ واقعي ۾ ملوث قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائبو۔ ان موقعي تي صوبائي وزير ٽيليفون تي ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ سان رابطو ڪري کيس ھدايت ڪئي ته ترت ڏوھارين کي سوگھو ڪري قانون جي ڪٽھري ۾ آڻيو ۽ ڪنھن سان به رعايت نه ڪريو۔ ان موقعي تي صوبائي وزير سان مير اشرف خان بجاراڻي ۽ سيد بشير احمد شاھ جيلاني سميت ڪيترائي معززين به گڏ ھئا

پهنجو تبصرو موڪليو