شاگرد سياست جو جاکوڙي ڪردار شھيد اقبال ميمڻ

ليکڪ  وفا ميمڻ

دڙي جي پسگردائي واري ڳوٺ لاکا واسي سنجيدا شاگرد سياست جي سدا سھڻي موتي داڻي شھيد اقبال ميمڻ جي ورسيءَ جو ڏھاڙو اڄ وري واپس موٽي آيو آھي؛ سپاف جو مرڪزي ڪلچرل سيڪريٽري رھندڙ شھيد اقبال لاکائي جتي معياري تعليمي درسگاهن جي باک مان ڦٽي تيار ٿيل ھڪ ذھين ترين انوکو طالب علم ھو اتي ھن ڏاڍ ظلم جبر ستم واري آمراڻي دور ۾ سياسي آزادي جي بند ٿيل تنگ نظر گسن کي بھادري سان لتاڙي ڀٽي ازم جو کرو متوالو بڻجي تعليمي ادارن ۾ مخلص شاگرد سياست کي نوان مثالي لاڙا رجحان ارپيندي پنھنجي بلند ڪردار جي بدولت وسيع ڳوڙھي مشاھدي جون چوٽيون عبور ڪندي ھڪ اھڙو مدبر ڏاھو لاجواب شخص بڻجي ويو جنھن سنجيده صحتمند اثرائتي شاگرد سياست طور ڪاليجن يونيورسٽين سميت سنڌ پرڳڻي جي سمورن تعليمي ادارن مان جھيڙن ڦڏن فسادن جي جنم وٺندڙ صورتحال جي روڪٿام لاء زبردست ڪم ڪندي تعليم کي ھٿي وٺرائڻ توڙي يونيورسٽين ڪاليجن ۾ بھترين پرامن ماحول کي فروغ ڏيارڻ جي سلسلي ۾ خاص اصلاحي زور پڻ ڏيندو رھيو ۽ اھڙي طرح تڏهوڪي زماني جي شاگرد سياست جا رخ بدلائي مثالي شروع ڪيل مشن ۾ اول دست ڇانيل رھيو پرعزم ثابت قدم جدوجھد جي سياسي سفر ۾ پاڻ مڃائيندڙ اقبال ميمڻ جو جنم 5 جون 1968 تي دڙي جي پسگردائي واري لاکا ڳوٺ ۾ ٿيو جنھن بنيادي پرائمري تعليم دڙي مان حاصل ڪرڻ بعد سيڪنڊري جي تعليم بٺوري جي ھاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي جڏھن ته وڌيڪ تعليم ھن سجاول ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي جتي کيس ابتدائي طرح شاگرد سياست سان دلچسپي ٿي وئي ته پيپلز پارٽي جي ذيلي شاگرد ونگ سپاف جوائن ڪري ورتي ۽ ان جي فورن بعد اقبال ميمڻ کي سپاف جو ضلعي آرگنائيزر منتخب ڪيو ويو ته ان تنظيم جي واڌ ويجھه توڙي آرگنائيزيشن جي ڦھلاء بابت اھم ڪم ڪندي پاڻ کي وڌيڪ اڀاري مڃائي ورتو ۽ سندس انھيء جاکوڙي ڪردار کان متاثر ٿيندي سپاف مرڪز پاران کيس 1989 واري ڏھاڪي ۾ سپاف سنڌ جو مرڪزي ثقافتي سيڪريٽري مقرر ڪرڻ سان گڏوگڏ ان کي سنڌ ڪلچرل ونگ جو صوبائي صدر پڻ بڻايو ويو. شهيد اقبال ميمڻ هڪ بھترين ڪلاس جو مقرر پڻ ھيو جيڪو جڏھن به ڪنھن سياسي پروگرام جي اسٽيج تي تقرير ڪندو ھو ته سڀني کي متوجھ بڻائي پاڻ ڏانھن ڇڪيندي ماحول کي گرمائڻ جو وڏو فن پڻ ڄاڻندو ھو.

Wafa Memon Writer

وٽس معني خيز خوبصورت لفظن جو وڏو خزانو ھوندو ھو جنھن سبب شھيد اقبال تنظيمي پروگرامن جي مورچن توڙي احتجاجي جدوجھدي جلسن جلوسن ۾ ڇانيل رھندو ھو ۽ ضياء جي ڪاري ترين آمريتي دور ۾ جڏھن جمھوريت جو سج لٿل ھو تڏهن سياسي سرگرمين تي لڳل بندشن توڙي اظھار جي راء آزادي تي لڳل تالن جي نتيجي ۾ تقريرن ۽ مزاحمتي تحريرن تي پڻ پابندي پيل ھئي ته اھڙي گھٽ ٻوسٽ واري تنگ نظر ماحول ۾ پڻ شھيد اقبال جمھوريت جي بحالي واري ھر ھلچل جدوجھدي ميدان ۾ اڳيان اڳيان سرگرم رھندي ڳوٺاڻي سطح جي ماڻھن وٽ ڀٽي ازم جو بنيادي نظريو ڦھلائڻ وارو فڪري شعوري تبليغي ڪم پڻ ڪندو رھيو ۽ تنظيمي ڪارڪنن ۾ فڪري پختگي لاء پيپلز اسٽڊي سرڪل جو قيام عمل ۾ آڻي تربيتي سياسي شعوري ڪلاس پڻ ھلائيندو رھيو.

اڄ کان 32 سال اڳ اڄوڪي 30 آگسٽ 1989 جي غمگين ڏھاڙي تي نڪتل تنظيمي دوري دوران ھڪ المناڪ روڊ حادثي ۾ وڇڙي ويندڙ اقبال ميمڻ لاکائي ھڪ نظرياتي متوالو سپاف اڳواڻ ھو جيڪو ڀٽي ازم جي نظرئي سان ابتدائي سفر کان ويندي آخري دم تائين مخلص سچو کرو ثابت قدم رھندڙ اقبال پڻ انھن سرفروش مجاھد اٽل فولادي ارادن وارن شهيدن منجھان ھو جيڪي ڊگھي عرصي تائين اھم عملي فڪري جدوجھد جو اھڃاڻ رھيا آھن.

جڏھن ته اھو اقبال ميمڻ عاجزي واري اپنايل طبيعتي مزاج ۾ صفا سادو ۽ سڀني لاء نوڙت وارو محبتي جذبو رکندڙ باڪمال انسان هوندو ھو ۽ سنگت ساٿ لاء سندس مھمان نوازيء وارا دل جا ڪشاده در ھميشه مثالي قربائتي خدمتڪاري بابت کليل ھوندا ھئا ۽ ماڻهن سان انتھا درجي جي محبت ڪرڻ سٺن جاندار يارن جو وڏو حلقو رکڻ شھيد اقبال ميمڻ جي سدا بھار من موھڻي شخصيت جو ھڪ جدا الڳ طرح جو سگھارو پاسو رھيو آھي ۽ شھيد اقبال ميمڻ جھڙيون غير معمولي اھم شخصيتون پنھنجي نڀايل بلند ڪردار جي بدولت چاھيندڙ دلين ۾ اثرائتا نقش ڇڏي ويندڙ ھميشه زنده جاويد بڻجي روشن باب تاريخي اتھاس جو اھم حصو بڻجي ويندا آھن.

بھرحال شھيد اقبال ميمڻ جي شھادت جو غمگين ڏھاڙو اڄ وري واپس موٽي آيو جنھن کي سندس لازوال سرانجام ڏنل مختلف پاسائي زبردست خدمتن تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيان ٿو.wafamemon786@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو