شاهي واهه کي گهارو، بيجارو لڙهي ويو، پاڻي گهرن ۾ داخل

ٺل(عبدالنبي شيخ)ڳوٺ مير حسن کوسو ۾ شاهي واھ کي30 فوٽ ويڪرو گهارو،گهاري لڳڻ سبب 30ايڪڙ زرعي زمين تي لڳل سارين جو ٻيجارو لڙهي ويو،آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود نه پهتا ۽ ڳوٺاڻن پنهنجي همت ڪري گهارو بند ڪري ورتو. پاڻي ڳوٺ جي آس پاس وارن گهرن ۾ داخل ٿيڻ لڳو.

ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ هيٺ ٽن ڪلاڪن کانپوء گهارو بند ڪري پنهنجي گهرن ۽ فصلن کي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو. ڳوٺاڻن  ميڊيا جي نمائدن کي ٻڌايو ته تازو ٻيجارو پوکيو هيو سين اسان جو لکن جو نقصان ٿي ويو آهي.

هن مهل تائين آبپاشي عملو به نه پهتو آهي ضلعي انتطاميا نقصان جو ازالو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو