شاهه ۽ شريف جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا نيب جي سفارش تي قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان شهاز شريف ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي پي اڳواڻ سيد قائم علي شاهه جا نالا پرڏيهه وچڻ تي پابندي بابت لسٽ يعني ’اي سي ايل‘ ۾ داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. نيب جي سفارش تي اڳواڻي وزيراعظ۾ ميان نواز شريف جي پرنسپل سيڪريٽري فواد حسين فواد جو نالو به لسٽ م سامل ڪيو ويو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته ٽنهي تي ڪرپشن جا ڪيس آهن ۽ خدشو آهي ته پرڏيهه هليا ويندا. ذريعن موجب گهرو وزارت جي سمري جي سرڪوليشن ذريعي منظوري ورتي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو