شاهه لطيف يونيورسٽي جي شاگردن جو احتجاج

بوزداروڏا (حسين ٽانوري)خيرپور ۾ شاه عبدالطيف يونيورسٽي انتظاميا پاران شاگردن پاران مطالبن جي مڃتا لاء احتجاج دوران شاگردن تي پوليس پاران لاٺي چارج ڪري شاگردن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري شاگردن کي گم ڪرڻ خلاف جئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جساف جسقم جي اڳواڻن ارسلان پنهيار فراز مهر معراج پنهيار احسن ٽانوري پريس ڪلب بوزدار وڏا پھچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ت شاھ عبدالطيف يونيورسٽي جي شاگردن پاران جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو ته ڪرپٽ وي سي خليل ابوپوٽو ۽ رجسٽرار مريد حسين ابوپوٽو پاران شاگردن سان ڳالهين جو بهانو ڪري پوليس ۽ رينجرز گهرائي شاگردن مٿان تشدد ڪرائي انهن مٿان ڪوڙي ۽ من گهڙت ڪيس داخل ڪرايو جيڪا سراسر ناجائزي آهي هنن وڌيڪ چيو ته پوليس شاگردن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي هنن وڌيڪ اعلئ اختيارين کان ان معاملي جو نوٽيس وٺي گرفتار ٿيل شاگردن کي آزاد ڪري مٿان داخل ٿيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو