شاهه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر کي عمر قيد جي سزا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ شاهزيب قتل ڪيس ۾ شاهه رخ جتوئي ۽ سراج ٽالپر جي موت واري سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي. جڏهن ته ٻن ٻين ملزمن سجاد ٽالپر ۽ غلام مرتضيٰ جي عمر قيد جي سزا بحال رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ڊي بلوچ ڪمپني جي مالڪ سڪندر جتوئي جي پٽ شاهه رخ تي الزام هو ته هن معمولي ڳالهه تان دوستن جي مدد سان 22 سالن جي نوجوان شاهزيب خان کي 25 ڊسمبر 2012 تي گوليون هڻي قتل ڪيو هو. جنهن بعد کين گرفتر ڪيو ويو ۽ دهشتگردي ٽور عدالت شاهه رخ ۽ سراج کي موت ۽ سندس ساٿين سجاد ٽالپر ۽ غلام مرتضيٰ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي. ملزمن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي ته جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ ٻن ججن جي بينچ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو فيصلو معطل ڪندي ٻيهر ترائل لاءِ سيشن جج کي حڪم ڏنو. ان دوران مقتول جي وارثن ملزمن کي معاف ڪري ڇڏيو هو. جنهن بنياد تي سيشن ڪورٽ ضمانت تي سمورن جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو هو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ان حڪم خلاف انساني حقن جا ڪارڪن سپريم ڪورٽ ويا ۽ سپريم ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم رد ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي نئين بينچ ٺاهي ڪيس ٻيهر ٻڌڻ جو حڪم ڏنو. جنهن بعد جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس نذر اڪبر تي مشتمل بينچ ٻيهر سماعت بعد گذريل مهيني فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو اڄ جاري ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو