شاهه تي فرد جرم وري لاڳو نه ٿي سگهيو، ٻڌڻي ملتوي

سکر (جئيرام داس )آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ پي پي ايم اين اي خورشيد احمد شاهه ۽ ٻين تي هڪ دفعو ٻيھر فرد جرم لاڳو نه ٿي سگھيو. احتساب عدالت ٻڌڻي 7 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ,ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ خورشيد شاھ سميت نامزد ٻيا جوابدار پيش ٿيا ,خورشيد احمد شاهه کي سکر جي اين آئي سي وي ڊي اسپتال کان ايمبولينس ذريعي سخت سيڪيورٽي هيٺ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو . ان موقعي تي ميڊيا ٽاڪ ڪندي خورشيد احمد شاھ چيو ته سياست ۾ جذبات ناھي ھلندي ، سياستدان کي ھر ڳالھه سوچي سمجهي ڪرڻ گهُرجي ، عمران خان ھميشه يوٽرن وٺندو آھي ھاڻي سپر يوٽرن ورتو اٿئين، عمران خان کي نه ملڪ جي نه وري عوام جو ئي ڪو احساس آھي. خورشيد شاھ چيو ته موجوده حڪومت جي غلط پاليسين سبب معشيت ۽ خارجه پاليسي کي نقصان ٿيو آهي ،حڪومت جيڪو اڄ ڪري رھي آھي اھو پھرين ڏينھن ۾ ڪرڻ کپندو ھو اڄ معشيت تباھ نه ٿئي ھا ، خورشيد شاھ چيو ته ملڪ جي معشيت تباھ ٿي چڪي آھي ، عوام مھانگائي جي سونامي  ۾ مري رھيو آھي ، خورشيد شاھ چيو ته رياست مدينه جي ڳالهه ڪندي پاڻ کي پوئتي ڪري چين کي رول ماڊل بڻايو ويو آھي ، چين رياست مدينه جي برعڪس آھي ، چين ۾ ون پارٽي ۽ ون مين شو آھي جھموريت ناھي ، خورشيد شاھ چيو ته حڪومت پنھنجون ڪمزوريون لڪائڻ لاءِ اپوزيشن کي انتقام جو نشانو بڻائي رھي آھي ، اسان جيلن کان ڊڄڻ وارا ناھيون جيل اسان جا ڏٺل آھن ، ھن چيو ته پارليامينٽ 18هين ترميم ڏني گلگت بلتستان کي پنھنجو نالو ڏنو ، پارليامينٽ سيلاب ، دھشتگردي  جو مقابلو ڪيو ، ھن چيو ته ھاڻي افغانستان ۽ پاڪستان ۾ دھشتگردي وڌي رھي آھي ، ملڪ کي بچائڻ لاءِ سڀني سياستدان کي اڳتي اچي ملڪ لاءِ سوچڻو پوندو ، خورشيد شاھ چيو ته پشاور واقعو افسوسناڪ آهي ، جنھن ۾ ماڻھن سميت ٻارڙا شھيد ٿيا پر عمران خان کي ڪو به احساس ناھي.

پهنجو تبصرو موڪليو