شاهنواز ڏاهاڻي بهترين بالر قرار، هو ڪرڪٽر ڪيئن بڻيو؟

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ايس ايل 6 ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ ملتان سلطان جي شاهنواز ڏاهاڻي کي بهترين بالر ۽ ايمرجنگ پليئر جا ايوارڊ ڏنا ويا. لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ تيز رفتاري سان بال ڪرائڻ سبب ساٿي کيس ٿري جي سڏيندا هئا. انٽرنيٽ جي تيز رفتاري جي ٽول سان کيس تشبيهه ڏيندا هئا. ڏاهاڻي جو چوڻ آهي ته بابا چوندو هو سرڪاري نوڪري وٺ راندين مان ڪجهه ڪو نه ٿيندو. امڙ مونکي سدائين دعائون ڏيندي هئي ته هڪ ڏينهن تون وڏو ماڻهو ٿيندين. هن چيو ته مون اگهاڙي پيرين ڪرڪٽ کيڏي، هڪ مهمان اسانجي ڳوٺ آيو جنهن انڊر 19 ٽرائلز بابت ٻڌايو ته مان جوگر بوٽ اڌارا وٺي ٽرائل ڏيڻ ويس ۽ سليڪٽرز جي نظر ۾ آيس. هن چيو ته پي ايس ايل منهنجي زندگي جو وڏو ايونٽ هو جتان مونکي شهرت ملي، مان ملڪ لاءِ ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو. مان ملتان سلطان جي سڀني ساٿين جو ٿورائتو آهيا. هن 11 ميچز ۾ 20 وڪيٽون ورتيون.ملتان جي بولنگ ڪوچ اظهر محمود جو چوڻ آهي ته ڏاهاڻي جي روپ ۾ پاڪستان کي ان فيلڊ نئون شعيب اختر ملي ويو آهي. شعيب اختر به ڏاهاڻي کان ڪافي متاثر ٿيو آهي ۽ سندس لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. ڏاهاڻي جي زندگي ۾ پي ايس ايل تبديلي ته آندي آهي پر سندس طبيعت ۾ نرم مزاجي ۽ مسڪراهٽن کي اڃا تبديل ناهي ڪيو، هو ڪرڪٽ ۾ ايترو ته دل سان گهڙيل آهي جو وڪيٽ ڪو به بالر وٺي ان کان وڌيڪ خوش هي ٿيندو آهي. اها هڪ وڏي پليئر ۽ ٽيم ورڪ جي نشاني آهي ۽ اها اڪيلي خوبي ڪنهن به وڏي ڪرڪٽر جي ڪاميابي جي نشاني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو