شاهد آفريدي نوجوان رانديگرن لاءِ سپرمين ٿيڻ جي خواهش

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو پاڪستاني ڪپتان شاهد آفريدي نوجوان ڪرڪيٽرن لاءِ سپرمين ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي آهي .لنڪا پريميئرليگ ۾ شاهد آفريدي گال گليڊي ايٽرز طرفان جافنا اسٽالينز جي خلاف جمعي تي صرف 23 بالز تي 6 ڇڪن جي مدد سان 58 رنز اسڪور ڪيو هو.ان کانپوءِ آفريدي چيو ته جيڪڏهن ان راند سان محبت ٿا ڪريو ته پوءِ سخت محنت جي ضرورت هوندي آهي، جيئن ته آئون نوجوانن سان کيڏي رهيو آهيان انڪري هن عمر ۾ هنن لاءِ سپرمين ٿيڻ ٿو چاهيان، سٺي ڳالهه اها آهي ته آئون پنهنجي ڪرڪيٽ مان لطف اندوز ٿيندي سخت محنت ڪري رهيو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو