شادي شده ناري گهرو اڻبڻت تي خود ڪشي ڪري ڇڏي

ڪلوئي(غلام مصطفي نهڙيو) ڳوٺ ٺارو خان لنڊ ۾ گهرو پريشانين سبب پورهيت علي حسن لنڊ جي گھرواري 21 سالا ثمينه لنڊ گهر جي ڪمري جي ڇت واري پکي ۾ رئو ڪنڌ ۾ ٻڌي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو. وارثن پاران اطلاع ڪلوئي ٿاڻي تي ڏنو جتان ايس ايڇ اوغلام رسول جنجهه لاش پوسٽ مارٽم لاء ڪلوئي اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ سبب ڏيپلو اسپتال منتقل موڪليو. واضع رهي ته ڪلوئي تعلقو ٿيڻ کي ٻه سال گذرڻ باوجود اڃان تائين ڪلوئي جي اسپتال اپگريڊ ناهي ٿي سگھي جنهن ڪري هتي جا رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن  ۽ ايمبولينس نه هئڻ ڪري لاش کي پرائيوٽ سوزڪي ذريعي پوسٽ مارٽم لاء ڏيپلو موڪليو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو