شاديءَ جي رات گهوٽ مبينا طور قتل، خوشيون ماتم ۾ تبديل

گھوڙاٻاري ( مختيار جان چانڊيو) ڳوٺ  پٽيل وڪيو ملاح ۾ شادي جي تقريب رٿيل ھئي  شادي جي رات گھوٽ ممتاز ولد ٺارو ملاح جو نڪاح  علو ملاح جي نياڻي سان نڪاح ڪرايو ويو. نڪاح واري رسم بعد گھوٽ ممتاز ملاح دوستن مائٽن سان گڏ شادي جي خوشي ۾ پسٽل سان ھوائي فائرنگ شروع ڪري ڏني  مائيٽن کيس فائرنگ ڪرڻ کان بار بار منع ڪئي پر  پسٽل جي گولي ڇٽڻ ڪري کيس لوندڙي ۾ لڳي وئي گھوٽ کي نازڪ حالت ۾ رورل ھيلٿ سينٽر  ور شھر آندو ويو پر کيس ڳڻتي جوڳي حالت ھئڻ  سبب فوت ٿي ويو. گھوٽ جي قتل تي  سڄي ڳوٺ ۾ ڪھرام مچي ويو. ونواھ  ۾ ويٺل ڪنوار ۽ سندس  جيجل امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي  رھيا ھئا  گھوٽ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ونواھ ۾ ويٺل ڪنوار کي اٿاريو ويو. شادي جي ڪاڄ ۾ شرڪت لاءِ آيل ڄاڃن گھوٽ جي جنازي  نماز ۾ شرڪت ڪئي. نوجوان جي مڙھ کي سوين سوڳوارن جي آلين اکين سان تاريخي قبرستان پير پٺو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي گھوڙاٻاري پوليس ڳوٺ  پٽيل وڪيو ملاح پھچي  قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل  ۽گولي جو خول ھٿ ڪري ورتو آھي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او اسلم گگو صحافين کي ٻڌايو ته گھوٽ ممتاز ملاح گھرن اندر عورتن ۾ شادي  جون  رسمون ادا ڪندي  مذاق وچان پسٽل  مٿي تي رکي چيو پسٽل ھڻڻ سان ماڻھو مري ويندو  ته اتفاق سان گولي ڇٽڻ ڪري دماغ مان آرپار ٿي وئي  جنھن ڪري سندس موت واقعي ٿيو آھي  ھوڏانھن مقامي ماڻھن  وچ ۾ چئو ٻول ھلندڙ آھن ته شادي رات گھوٽ دوستن سان گڏجي نشو واپرايو نشي جي حالت ۾  گولي لڳڻ ڪري سندس موت ٿيو آھي  پوليس قتل جو ڪيس داخل  نه ڪري سگھي آھي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي رورل ھيلٿ سينٽر تي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ساجد شيخ ٻڌايو ته فوتي ممتاز ملاح جي ڀائرن الطاف ملاح ۽ اعجاز ملاح پوسٽ مارٽم ڪرڻ نه ڏنو پوليس طرفان ليٽر به ڏنل ھو جڏھن ته  ڳوٺ ۾ قيامت صغرا جو منظر ڇانيل  آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو