شاخ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف ايريگيشن آفيس آڏو احتجاج

قاضي احمد(ن س) ميررڪڻ شاخ جي آبادگارن جو شاخ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف پيادل مارچ ڪري ايريگيشن آفيس گيٽ آڏو احتجاج ڪيو ويو. مظاهرين آبپاشي عملي خلاف نعريبازي ڪئي. آبادگار اڳواڻن رئيس لعل بخش ڌاريجو، تنوير زرداري، فقير ساجن ڪنڀر، ايس يو پي اڳواڻ ڌڻي بخش ڪلوئي، جسقم اڳواڻ غلام شبير سنگراھ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ميررڪڻ شاخ جي پڇڙي تائين پاڻي نه پيو پهچايو وڃي، جنهن جي ڪري اسان جو وونئڻ، جوئر ۽ مڪئي سميت ڪو به فصل پوکي نه سگهيا آهيون. هنن چيو ته انجنيئر ۽ ايس ڊي او ۽ ٻيا عملدار ڳري رشوت عيوض منڍ جي آبادگارن کي پاڻي کپائي ڏين ٿا جنهن سبب پڇڙي جا آبادگار پاڻي ڍڪ لاءِ سخت پريشان آهن. هنن تڪ جي ايم پي اي سردار خان محمد ڏاھري سميت وزير اعليٰ سنڌ، وزير آبپاشي ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي اپيل ڪئي ته ايريگيشن جي ڪرپٽ عملي کي هٽائي ايماندار عملو مقرر ڪيو وڃي. اگر عيد کان اڳ ۾ شاخ جي پڇڙي تائين پاڻي نه پھچايو ويو ته عيد جي ڏينھن به سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو