شائسته هجي يا شهناز سنڌ ڄايون سجاڳ آهن

تحرير  زوار حسين شاهه

سنڌ هن وقت به وڏي امتحان مان گذري رهي آهي عوام جي بنيادي حقن جي لتاڙ پڻ ٿيندي رهي آهي پر جنهن طرح سان سنڌ ۾ معصوم ٻارڙن ، سنڌ جي عورتن سان  ظلم پيا ٿين اهي به اسان کان لڪيل ناهين جنهن طرح سان سنڌ م با اثر قانون آئين کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي پيو استعمال ڪري اهو به اسان جي اڳيان آهي پر جتي هاڻ سنڌ جا نوجوان سنڌ جو ڪيس وڙهن پيا اهو به اسان جي اڳيان آهي هن وقت خاموش رهي چهبڪ سهڻ جو وقت ناهي ، هن وقت جديد سوشل ميڊيا جو وقت آهي جتي ڪوئي ڪيترو به ظالم هجي اهو ظلم ڪري ۽ اهو لڪي وڃي اهو به ممڪن ناهي  سنڌ ۾ ڪيتريون ئي سماجي تنظيمون ڪم ڪري رهيون آهن پر جيڪڏهن مان  اسٽيپ فائونڊيشن جنهن جي سرواڻ هڪ بلوچ خاندارن سان تعلق رکندڙ شائسته بلوچ ڪري رهي آهي جنهن جي قيادت م هزارين  ورڪر ساڻس هٿ مضبوط ڪري  سنڌ جي جهر جهنگ وڃي هر غريب جي هر ممڪن مدد ڪري رهيا آهن ، برحال سٽي پريس ڪلب ڊجيٽل نيوز اسٽوڊيو ، هيومن رائيتس پيس آف سنڌ  جي مرڪزي چيئرمين ڪالم ڪار هئڻ جي حيثيت سان اسان محسوس ڪيو آهي ته اسٽيپ فاونڊيشن جي سروان ان جي ٽيم جي ڪيل بهترين ڪارڪردگي تي  مڃتا ايوارڊ ڏيڻ گهرجي جيئن اڃان به انهن جو حوصلو وڌي  ، جڏهن ته ٻيو سنڌ جون نياڻيون به هاڻ مڪمل سجاڳ آهن ، سنڌ جي جوڌن سميت سنڌ جي نياڻين جي به هڪ منفرد تاريخ آهي جڏهن ته سنڌ مٿان سنڌ جي عوام مٿان ڪو ڏکيو آيو اتي جتي  اسان جي نوجوانن جو ڪردار ياد ايندو اتي اسان کي پهنجون سنڌ جون نياڻيون به ياد اينديون، هن وقت به بي انتها محنت ڪري مردن سان هر شعبي ۾ برابري جي بنياد تي گڏ بيٺيون آهن ، جنهن تي اسان فخر ڪيون ٿا ، سنڌ جنهن جي تاريخ منهنجي نظر م پنج هزار سالن کان به پراڻي آهي ، سنڌ دنيا جو واحد  خطعو پڻ هو جتي  علم سان روشناس ڪافي ڪجهه نشانيون مليون آهن اهو به ثابت ٿي چڪو آهي ته سنڌ دنيا جو پهريون  خطعو هجي جتي امن پيار، محبت  جي پرچار ڪرڻ سان گڏ تاريخي  تعليم حاصل ڪندڙ قوم به آهي  ان سان گڏ مزي جي ڳالهه اها به اهي ته  جڏهن موئن جي دڙي مان ڪافي شيون  ثقافت جون نشانيون مليون آهن اتي اهو به ٿابت ٿيو ته ڪپڙو ٺاهيندڙ به هي سنڌ جو خطو پهرئين نمبر تي هو ، علم پرائڻ م به سڀ کان اڳڀرو هو ، پر اهو به ٿابت ٿي چڪو اهي ته سنڌ جون نياڻيون وڏين بهادر سلڇڻيون پڻ هيون پنهنجي مردن سان گڏ بيهي ڪيتري به مشڪل گهڙي هجي انهن جي مدد ڪئي آهي هونء به جيڪڏهن  تاريخ تي نظر وجهنداسين ته جڏهن واقعه ڪربلا پيش آيو اتي به عورتن جو وڏو ڪردار سامهون اچي پيو جنهن مان اهو به ٿابت ٿيو ته اڄ جون سنڌ ڄايون به ائين ئي سڄاڳ آهن ،  جڏهن به جتي به جنهن عورت مٿان يا مرد مٿان ڏکيو وقت آيو سنڌ جون نياڻيون سنڌي اجرڪ ، سنڌي لوئي اوڙهي پنهنجي ڀائرن سان گڏ بيهي هڪ تاريخ رقم ڪئي ، مان به اهڙين ئي سنڌ ڄائين جي ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو ، جنهن م جيڪڏهن سنڌ جي بيباڪ بهادر ڌ ڌرتي جي سونهن سنڌ جي ڄائين جي ڳالهه ڪيان ته منهنجي نظرن اڳيان سنڌ جي  فائونڊيشن جي سرواڻ شائسته بلوچ ، ادي شهناز شيخ ، سنڌڄائي صنم سنڌو ڀنڀرو ، سماجي رهنما صنم راڄپر به اکين اڳيان آهي  هن وقت جتي هر غريب جي تذليل پئي ٿئي حڪومت وقت عوام جا نه ئي بنيادي مسئلا حل ڪيا نه ئي انهن جي زخمن تي مرهم وڌي ، هزارين مسئلا آهن جيڪي  عورتن سان گڏ معصوم بارڙن نياڻين سان پيش اچي رهيا آهن جنهن م سڀ کان پهريان سنڌ جي ڄائي جيڪا ڪنهن اداري م نوڪري به ڪري ٿي ته پڙهي تعليم به حاصل ڪري ٿي پر هن معاشري جي اهي بدحواس بگهئڙ جن جي مٿي تي جنسي حواننگي جو ڀوت سوار آهي نه صرف سنڌ پر پاڪستان ۾ هن وقت تائين هزارين مسئلا اسان جي  اڳيان آهن ، اهڙي ماحول م  جهڙي ريت اسان جي سنڌ جي ڄائين انهن بدمعاش ، بد ڪردار حوس جي پوڄارين کي سوڙهو ڪيو انهن مٿان ڪيس داخل ڪري انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري انصاف گهرڻ لاء سرگرم نظر اچي رهيون آهن اهي ڪنهن کان به لڪيل ناهين ، ، جهڙي ريت سنڌ پرست سنڌ ڄائين پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ان جو ڪڏهين مٿال نه ٿو ملي ، جيڪڏهن مان اسٽيپ  فائونڊيشن جي سرواڻ انتهائي قابل احترام بهادر اڳواڻ سماجي مرڪزي  رهنما  شائسته بلوچ جنهن جي تنظيم بهترين ڪردار ادا ڪندي سچي سنڌ م هزارين عام ماڻهن جا مسئلا حل ڪيا جنهن جي فخر مٿان فخر ڪيون ٿا ، جيڪڏهن ته عورتن  سان ٿيل زيادتين تي به ڪافي ڪجهه ايڪشن ورتو احتجاج ڪيا ڌرڻا ڏنا ان سان گڏ جتي به جنهن سان به زيادتي ٿي اتي نه صرف  شائسٽه بلوچ ، شهناز شيخ ، صنم سنڌو ڀنڀرو ، فرحه ناز چانڊيو، سميت بين پڻ بهترين ڪردار ادا ڪري حڪومت قوت کي مجبور ڪيو ته  قانون آئين م ترميم ڪري  گهٽ م گهت معصوم بارڙن سميت نياڻين عورتن سان جنسي حيواننگي حوس ڪندڙن کي موت جي سزا ڏني وڃي ، جڏهن ته مان عرض ڪيان ته  جڏهن سنڌ مان کنڀيل  نوجوانن جون ڀينرون مائرون ، سنڌ پرست نياڻين پن ڪراچي کان ڪشمور ڪشمور کان راولپنڊي تائين  پيرين پنڌ مارچ م پڻ شريڪ آهن جنهن مان به هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته سنڌ جون نياڻيون هر محاذ تي پنهنجي ڀائرن سنڌ پرستن سان گڏ آهن انهن جي  آڏو پنڌ ڪرڻ جيڪو سوين ميلن تي مشتمل آهي ، مان عرض ڪيان ته شائسته بلوچ هجي يا شهناز شيخ هجي يا سنڌ جي نالي واري شخصيت انسان پرست  سنڌو نواز گانگهرو  صنم سنڌو سنڌو  هجي يا فرحه ناز چانڊيو هجي ، صنم راڄپر هجي ، هنن پنهنجو فرض سمجهندي هڪ تاريخ رقم ڪئي آهي ، هر وقت جنهن سان به ڪو به مسئلو هجي ان جي فوري حمايت ڪرڻ ان کي آٿٿ حوصلو ڏيڻ لاء ان وٽ پهچي انهن جي مدد ڪرڻ سان گڏ ان جي همٿ افزائي پڻ ڪن ٿيون هي اهي نالا آهن جن سنڌ جي دردن کي پنهنجو سمجهندي انهن دردن تڪليفن جي مرهم بڻجن ٿيون جنهن تي اسان کي ناز آهي ، هاڻ جڏهن راڻيپور جيڪو دستگير جو شهر پڻ آهي ، رٽائرڊ ملازم جن کي نه پيشن ٿي ملي نه انهن جون رهيل مراعاتون مليون پر انتهائي ڏک جي ڳالهه ته سوئيپر ڀنگي جيڪي گندو پورهيو ڪن ٿا انهن کي جيڪڏهن چئين چئين مهينن جون پگهارون نه ملن ته ڪوئي سچ ٻڌائي اهي  انهن کي دعائون ڪندا ڪو انهن جي ٻڌڻ لاء تيار به ناهي ، پر اتي سنڌ جي سونهن غريبن جي هڏ ڏوکي  جڙڪندڙ سونهن  سنڌين جو سان نياڻين جو مان   سنڌ ڄائي شائسته بلوچ هڪ غرين آصف منگي جيڪو پاڻ کي باهه پڻ ڏيئي رهيو هو ان جي هڪ ڪال تي فوري پنهنجي ٽيم سان رانيپور پهچي انهن جي داد رسي اعلي اختيارين سان رابطو ڪري انهن جو مس.ئلو حل ڪرائڻ جي يقين ڌياني ڪرائي  پر ڪرپشن جي هوڏ تي تڪبر ڪندڙ اي سي سوڀوديرو جيڪو ايدمنسٽريٽر راڻيپور سردار احمد قاضي آهي ۽ بيو ٽائون آفيسر جيڪو ٽائون جي ٽ کان به واقف ناهي سياسي اپروچ تي ان کي تائون آفيسر راڻيپور مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جو ڪو به تجربو ناهي پر اڃان جمع جمع اٺ ڏينهن ٿيا آهن ان مٿان به تاريخي ڪرپشن ٿيڻ جا مبينا الزام لڳڻ شروع ٿيا آهن جڏهن ته هڪ کيس هيلپر پڻ مهيا ڪيو ويو آهي جنهن جو نالو اسدالله سومرو آهي کيس تائون آفيسر جا سڀ قانوني مسئلا هي سومرو سائين حل پيو ڪري جڏهن ته باخبر ذرائعن گهڻو ڪجهه ٻڌائيندي چيو ته هاڻ ته جيڪي ٽيڪس وصول ٿئي پئي اها کيس جي کيسي ۾ پئي وڃي ، برحال ادي شائسته جي اچڻ ڪري سياسي مداخلت وري به ملازمن جي پگهارن جو مسئلو حل نه ڪيو جنهن خلاف عوام به آهن سراپا احتجاج آهي ، جڏهن ته شائسته بلوچ هڪ اهڙي خاندان سان تعلق رکي ٿي جتي انسان پرستي جو درس ڏنو ويندو آهي اهو ئي سبب اهي جو شائسته بلوچ هڪ بهادر  سنڌ ڄائي آهي جيڪا ڏينهن رات هڪ ڪري سخت محنت ڪري غريب عوام جي هر ممڪن مدد پئي ڪري ، جڏهن ته جيڪڏهن ميرپور ماٿيلو سنڌ جي نياڻين ڏهن جي 10 جوڙن تي مشتمل شاديون ڪرائي  نياڻين جون  انهن جون جيڪي پنهنجي نياڻين جي  شادي نه پئي ڪرائي سگهن ، برحال هي ثواب جاريه آهي ، مان اسٽيپ فائونڊيشن جي مرڪزي اڳواڻ  شائسته بلوچ سميت ٻين سنڌ جي نياڻين جي ڪيل جدوجهد محنت لڳن تي سلام پيش ڪيان ٿو ، مان سمجهان ٿو ته هاڻ سنڌ ڄايون مڪمل سڄاڳ آهن ، ڪنهن کي جرئت ناهي جو ڪو هاڻ عورتن سان ڪا به بي واجبي ڪري ، جيڪڏهن ڪنهن بي واجبي ڪئي ته شائسته بلوچ ، شهناز شيخ ،  سنڌو نواز گانگهرو ، صنم سنڌو ڀنڀرو ، صنم راڄپر ، فرحه ناز چانڊيو جي قيادت م هو نڪري  ان جا گهت گهير بند ڪري ان کي جهڪڻ تي معاڦي وٺڻ تي مجبور ڪنديون ، برحال سٽي پريس ڪلب ڊجيٽل ٽيم سيد زوار شاه انور ناريجو، ديدار عباسي اسد وساڻ ، نجيب جوڻو ، شير مهمد سولنگي منظور انصاري ، مهيوال مغيري ، گدا حسين سمون ، ايڊوڪيٽ رضوان جوڻيجو ، فقير محمد عباسي ، سهيل ميمڻ ، جنيد ميمڻ ، جاويد احمد ملاح ٻيا اسٽيپ فائونڊيشن ، شهناز شيخ ، صنم سنڌ ڀنڀرو ، سنڌو نواز گانگهرو، صنم راڄپر ، کي سنڌ جي نياڻين سميت عام ماڻهن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاء بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاء مڃتا ايوارڊ ، سنڌ ي اجرڪ پيش ڪيا ويندا ،            

پهنجو تبصرو موڪليو