سڱاوتي معاملي تان ٻن ڀائرن ۾ جهيڙو 8 ڄڻا زخمي

ڇور(ن س) ڳوٺ صوفي اڪبر دڙو تي لوھار برادري جي ٻن سڳن ڀائرن ۾ سڱاوتي معاملي تان جھيڙو ٿيڻ ڪري لٺيون ۽ مڪون لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا اٺ ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ راجڪمار، مڪيش ڪمار، سريش لوھار، مالچند لڇمڻ داس، لجپت راءِ، گھنشام داس ۽ راجيش شامل آھن. جن مان ھڪ ڌر جي ٽن ڄڻن کي ڇور اسپتال ۽ ٻئي ڌر جي پنج ڄڻن کي سول اسپتال عمرڪوٽ داخل ڪيو ويو آھي. ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ اوڇور ٻڌايو ته ٻنھي ڌرين کي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ لاء ليٽر جاري ڪيا آھن ۽ رپورٽ اچڻ بعد ڪاروائي ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو