سڱاوتي تڪرار تان ڇوڪري قتل، حادثي ۾ عورت زخمي

نوشھرو  فيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي )پريم نگر فيز ون جي رھواسي عبدالستار لاشاري جي گھر  تي سگاوتي تڪرار تان  ھٿيار بندن جو حملي جي نتيجي  ۾ 14سال جي  نوجوان ڇوڪري گوليون لڳڻ سبب فوت ٿي وئي. گوليون لڳڻ سبب کيس زخمي حالت ۾ سول اسپتال آندو ويو  جتي هوءَ زخمن جا سور نه  سھندي فوت ٿي وئي جنھن کي ڊاڪٽرن پاران ضروري ڪاروائي کان پوء لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو زاھد لاشاري والد گاھي خان لاشاري ويٺل ڳوٺ جلال لاشاري دريا خان مري جنهن  سان اڳ ۾ سگاوتي تڪرار ھلندڙ ھو، ھو ڪافي عرصي کان موت مار ڌمڪيون پڻ ڏيندو ھو،  اڄ صبح ننڊر مان اٿڻ سان ئي زاھد ۽ سندس چار نامعلوم ھٿيار بندن گھر ۾ گھڙي حملو ڪري اسان جي نياڻي کي بيدردي سان گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي درس بائي پاس تي تيز رفتار ڪار جو پويان موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٺاروشاھ واسڻ وزيران سولنگي سخت زخمي سندس ٻئي ٽنگون ڀڄي پيون مورو اسپتال داخل حادثو ڪندڙ ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو موٽر وي پوليس وارا ڪار کي پڪڙڻ بجاء زخمي عورت وٽ بيھي تماشو ڏسندس رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو