سڱاوتي تڪرار تان وڳڻ ۾عورت قتل، پٽ زخمي

وارهه(طالب حسين چانڊيو) وارهه لڳ ڳوٺ ٻڍاڻي چانڊيو ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو، ڌرين جي ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ سبب گوليون لڳڻ ڪري 40 سالا عورت بدلا خاتون زال شاھمراد چانڊيو قتل سندس پٽ راجا عرف رحيم بخش زخمي ٿي پيو. واقعي جو اطلاع ملڻ بعد وڳڻ ٿاڻي جو ايس ايڇ او ذلفقار علي جتوئي پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي وڳڻ جي رورل هيلٿ سينٽر پھچايو جڏھن ته زخمي نينگر کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي. مقتول عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او وڳڻ چيو ته ايف آء آر وارثن جي مرضي مطابق داخل ڪئي ويندي جڏھن ته فوتي عورت جي پٽ محمد مراد صحافين کي وڌيڪ تفصيل ٻڌائندي چيو تہ ڪجھ وقت اڳ اسان جي ئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻ ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هيو جنهن ۾ گداحسين ٻڍاڻي جي ڌر عيدن ٻڍاڻي گدا حسين ٻڍاڻي ۽ سليم ٻڍاڻي اسان مٿان حملو ڪري بيگناھ اسان جي آمڙ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ حملي ۾ مهنجو وڏو ڀاء راجا عرف رحيم بخش زخمي ٿي پيو آھي اسان جو ان جهيڙي ۾ ڪوبه واسطو نه آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو