سڱاوتي تڪرار تان قتل جي جوابدار کي سزا، 2 آزاد

سکر(بيورو رپورٽ) ماڊل ڪورٽ سکر جي جج ذڪاء الله ابڙو جي عدالت سڱاوتي معاملي تان سنگرار واري علائقي ۾ قتل ٿي ويل قائم الدين ملڪ جي قتل ڪيس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو . عدالت قتل ڪيس جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ جوابدار وزير ملڪ کي عمر قيد ۽ 2 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي . عدالت قتل ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن نيڪ محمد ۽ محمد امين کي باعزت بري ڪري ڇڏيو . عدالت سزا ٻڌايل جوابدار وزير ملڪ کي غيرقانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ 10 سال قيد ۽ 5 هزار ڏنڊ جي سزا ڏئي ڇڏي . سال 2018 ۾ جوابدار سڱاوتي معاملي تان قائم الدين کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو