سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو 2 قتل 2 ڄڻا زخمي

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) شاه حسين ٿاڻي جي حد خانپور ۾ سڱاوتي تڪرار تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت مومل خاتون ۽ پوليس اهلڪار نصرالله جوڻيجو مارجي ويا. جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن رابطي ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته سڱاوتي معاملي تان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو آهي جنهن ۾ هڪ عورت ۽ مرد مارجي ويا آهن معاملي کي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي جيئن وڌيڪ ڪو جاني نقصان نه ٿئي، واقعي واري هنڌ وڏي تعداد ۾ پوليس نفري مقرر ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو