سڱاوتي تڪرار، ڪورٽ جي در تي پٽ قتل پيءُ زخمي، هڪ گرفتار 2 فرار

جيڪب آباد(ن س) عدالت ۾ حاضري تي ايندڙن تي ھٿياربندن جي انڌاڌند فائرنگ، پٽ قتل ٿي ويو پيءُ سخت زخمي ٿي پيو. سول لائن ٿاڻي جي حد سول ڪورٽ جي مک دروازي تي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن حاضري تي ايندڙ ڳوٺ مٺل ڪوٽ جي رھواسين تي انڌاڌند فائرنگ ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 25 ورھين جو محمد عرس ڪوريجو ٿڏي تي قتل ٿي ويو جڏهن ته پيرسن شعبان سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس پھچي لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو جتان پيرسن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو . واقعي کان پوءِ عدالت ٻاھران وڌيڪ نفري مقرر ڪئي وئي آهي ان بابت سول لائن پوليس ٻڌايو ته واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي پوليس موجب ھڪ جوابدار خان پٽ آچر کي پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻه جوابدار فرار ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو