سگا پاران محمد يوسف شيخ جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو

ڪراچي(ن سنڌ يار)سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سِگا) پاران نامياري تعليمدان، پبلڪ اسڪول گڏاپ جي اڳوڻي پرنسپال ۽ اڳوڻي تعليم جي نگران وفاقي وزير ڪيپٽن (رٽائرڊ) محمد يوسف شيخ جي وڇوڙي تي هڪ تعزيتي ۽ دعائيہ تقريب پبلڪ اسڪول گڏاپ ۾ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي سگا جي چيئرمين رفيق احمد جعفري پنھنجا ويچار ونڊيندي چيو ته يوسف شيخ ڪيترن ئي ادارن کي جوڙيو ۽ اڄ جڏھن ھو وڇڙي ويو آهي تہ هزارين شاگرد پويان ڇڏي ويو آهي، هن شاگردن ۾ شاھ لطيف ۽ علامہ اقبال جي شاعري پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو رجحان پيدا ڪيو.پبلڪ اسڪول گڏاپ جي بورڊ آف گورننس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز احمد قريشيءَ چيو تہ يوسف شيخ هڪ اهڙو شخص هو جيڪو ٻين لاءِ جيئندو هو، هن جنھن اداري ۾ پنھنجا نقش ڇڏيا آهن سي يادگار آهن.سگا جي سيڪريٽري جنرل خالد حسين چنا چيو ته يوسف شيخ ڄاڻ جو ڀنڊار هجڻ سان گڏ سچائي ۽ ايمانداريءَ جو به نالو هو جيڪو تعليم ۾ نوان خيال متعارف ڪرائيندو رهيو، سگا طرفان يوسف شيخ جي ادارن ۾ ڪيل خدمتن تي ڪتاب ڇپرائي سندس کي ڀيٽا ڏني ويندي.پ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر تاج محمد وساڻ چيو تہ ڪيپٽن محمد يوسف شيخ هڪ ادارہ ساز شخصيت هو جنھن ڪڏهن بہ اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. پبلڪ اسڪول گڏاپ جي پرنسپال معشوق بلوچ چيو ته يوسف شيخ صاحب جي شخصيت جا ڪيئي رخ آهن، هو پبلڪ اسڪول سکر، گڏاپ پبلڪ اسڪول، ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي، آرمي پبلڪ اسڪول حيدرآباد ۽ بختاور ڪيڊٽ ڪاليج نوابشاه ۾ ڪيل علمي خدمتون ياد رکيون وينديون. محمد سليمان وساڻ چيو ته تعليمي ادارن جون عمارتون ٺاهڻ ته سوليون آهن پر ادارن کي هلائڻ ۽ لاڀ لائق بڻائڻ يوسف شيخ جھڙن ماڻھن جو ڪارنامو آهي ۽ اهڙن ماڻھن جو وڇوڙو خال پيدا ڪندو آهي. ميمبر  پي ايس جي غلام حسين بلوچ سگا پبلڪ اسڪول گڏاپ جي  عھديدارن اڳيان  اسڪول اندر ڪنھن به خاص جڳھ جو نالو يوسف شيخ جي نالي سان منسوب ڪرڻ لاءِ تجويز پيش ڪئي. تقريب ۾ ڪرم الاهي چنا ۽ ٻين پڻ سندس تعليمي، سماجي ۽ ادبي خدمتن تي ڳالھايو، ان موقعي تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ۽ سندس مغفرت ۽ بلند درجات لاءِ دعا گهري وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو