سڪندر سلطان چيف اليڪشن ڪمشنر طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين مقرر ٿيل چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد کيس حلف کڻايو. هن چيو ته ملڪ ۾ شفاف چونڊون ڪرائڻ ۽ ووٽ کي عزت ڏيارڻ لاءِ هو پنهنجي ذميواري پوري ڪندو. وفاقي حڪومت چيف اليڪشن ڪشمنر آف پاڪستان جي سربراهه ۽ 2 ميمبرن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن 24 جنوري تي جاري ڪيو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر 5 سالن تائين پنهنجي عهدي تي رهندو. پارلياماني معاملن واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 48 سان گڏ 213 ۽ 215 تي عمل ڪندي ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڪندر سلطان راجه کي چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو. ان سان گڏ اليڪشن ڪميشن جي ٻين 2 ميمبرن سنڌ کان نثار دراني ۽ بلوچستان جي شاهه محمد جتوئي جي مقرري جا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيا ويا هئا. ياد رهي ته 21 جنوري 2020 تي اليڪشن ڪميشن جي سربراهه ۽ ميمبرن جي مقرري واري معاملي تي گهڻي ڇڪتاڻ رهي ۽ مختلف وقتن تي مشاورتي اجلاسن کان پوءِ آخرڪار حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ سڪندر سلطان راجه جي نالي تي اتفاق ٿيو هو. سڪندر سلطان راجه پهرين ڊسمبر 1959 تي پنجاب ۾ پيدا ٿيو ۽ 4 جون 1987 تي ملازمت شروع ڪئي. هو پنهنجي سروس دوران مختلف عهدن تي رهيو ۽ 22هين گريڊ کان ڪجهه مهينا اڳ بطور سيڪريٽري ريلوي ريٽائرڊ ٿيو جڏهن ته هو آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي پيٽروليم سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري طور به خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. جڏهن چوڌري نثار علي خان وزير داخلا هيو ان وقت هي ڊائريڪٽر جنرل پاسپورٽ به رهيو. هن صوبائي سيڪريٽري آف ڪميونڪيشن اينڊ ورڪس، سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن جا فرائض به انجام ڏنا. ان کان علاوهه هو مختصر مدي لاءِ پنجاب ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري مقرر ٿيڻ کان اڳ بلدياتي حڪومت جو سيڪريٽري به رهيو. سلطان راجه سعيد مهدي جو نياڻو آهي جيڪو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو پرنسپل سيڪريٽري به رهي چڪو آهي. هو اسلام آباد جي چيف ڪمشنر عامراحمد علي جو ڀاءُ آهي، جيڪو اڄڪلهه عمران خان جي تمام ويجهو سمجهيو وڃي ٿو. سڪندر سلطان راجه جو والد آرمي آفيسر هيو جڏهن ته ان جي گهرواري رباب سڪندر پاڪستان ڪسٽمز ۾ 21هين گريڊ جي آفيسر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو