’سک جي وستي‘ ناٽڪ پيش، شهرين پاران انجواءِ بعد ڀرپور داد

نوابشاھ (ڊ ر)ثقافت کاتي پاران شھيد بينظير آباد ۾ اوپن ايئر ٿيٽر نوابشاھ ۾ اسٽيج ناٽڪ ’سک جي وستي‘ ڪرايو ،جنھن ۾ نوابشاھ حيدرآباد ۽ ڪراچي جي اداڪارن حصو ورتو،سک جي وستي جو ڪھاڻيڪار روس جو ليکڪ ميڪسم گورڪي ھو جنھن جي ڊرامي کي آغا سليم ترجمو ڪيو ان اسٽيج ڊرامو جي ھدايتڪار امتياز ڪيريو ۽ ڪو ڊائريڪٽر ثناء الله ڀٽي ھو نوابشاھ جي اوپن ايئر ٿيٽر ۾ شام جي ٿڌڙي پھر ۾ شھرين خوب انجواءِ ڪيو ،اسرار لغاري، زارا چانڊيو . سنديا سنڌي . عقيل قريشي ، رحيم انصاري . سدره شيخ ، اسلم شاد ، آصف جويو . منور پنھور عمير ڀٽو ۽ امتياز ڪيريو اداڪاري جا جوھر ڏيکاريا سک جي وستي ۾ معاشري جا آھي ڀٽڪل ڪردار ڏيکاريا ويا جن کي سک جي وستي جي تلاش آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو