سنڌ ۾ 150، ڪي پي ۾ 15 ۽ ملڪ ۾ 184 ڪورونا ڪيسز جي تصديق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 47 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ڪيس سامهون اچڻ بعد صوبي ۾ وائرس ۾ مبتلا مريضن جو انگ 150 ٿي ويو آهي. خيبرپختونخوا ۾ 15 ڪيس ۽ هڪ هڪ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ظاهر ٿيو آهي. جنهن بعد سڃي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس ۾ مبتال مريضن جو انگ 184 ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير ايم پي ايز کي ڪورونا بابت بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ايران مان آيل زوار جيڪي سکر پهتا انهن مان 119 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، 30 ڪيس ڪراچي ۾ ۽ هڪ جي حيدرآباد ۾ تصديق ٿي آهي. ايران کان سکر پهتل زائرين جي رت جي نمونن جي ٽيسٽ ۾ 119 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي آهي. سنڌ ۾ مجموعي طور 150 ڪيس سامهون آيا آهن. سينيٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي نون ڪيسن جي تصديق ڪئي آهي.

هوڏانهن سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي چڪاس لاءِ 10 هزار ڪٽس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سيد مراد علي شاهه هڪ ٽوئيٽ م بڌايو آهي ته نجي اسپتال جي تعاون سان 10 ڪٽس گهرائڻ لاءِ آرڊر ڏنو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته 396 ماڻهن جي ٽيسٽ ٿي آهي جن مان 88 پازيٽو آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو