سکر ۾ ٽي بي جي ٽيسٽ لاءِ موبائل ليبارٽريز جو افتتاح

سکر(امداد علي ڪلوڙ) ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه ٽي بي جي بيماريءَ جي صحيح سڃاڻ ۽ ٽيسٽن واسطي سنڌ حڪومت پاران سکر ضلعي لاءِ مليل ٻن موبائيل ايڪسري وينز جو افتتاح ڊي ايڇ او آفيس سکر ۾ ڪيو، هُن موبائيل وين ۾ وڃي ٿيندڙ ٽيسٽن ۽ مريضن کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته ٽي بي جو وڏي ۾ وڏو سبب غربت آهي، سنڌ ۽ پنجاب سميت پاڪستان جا اندريان علائقا سڀ کان وڌيڪ غربت جي ور چڙهيل آهن، سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون جن سکر سول اسپتال ۾ غريب عوام لاءِ سهولتن ۾ واڌ ڪندي موبائيل ايڪسري وينز فراهم ڪيون آهن ۽ اميد ته ٻه وڌيڪ وينز ملي وينديون. هن چيو ته ڪجهه سال اڳ سکر ۾ بيماريون ڪمرشلائيز ٿي ويون هيون ۽ خانگي سينٽرن جي ڀرمار هئي جتي بغير ٽيسٽن جي مريضن جو ڊائلاسز ٿي رهيو هو ۽ گڙدن جي بيماريءَ جو مريض هيپاٽائيٽس بي ۽ سي جهڙين بيمارين ۾ به مبتلا ٿي رهيو هو، صحت جي اهڙين چئلينجز کي سامهون رکندي هُن سکر ۾ اسپتالن جو ڄار وڇائڻ شروع ڪيو ۽ اڄ الحمدالله غريب ماڻهو جو معياري علاج پنهنجي دروازن جي چانئٺ تي ئي ٿي رهيو آهي ۽ مريض دعائون ٿا ڪن. خورشيداحمد شاهه چيو ته صحتمند قوم هوندي ته سماج بهتر نموني ترقي ڪري سگهندو، ماحول کي خوشگوار ۽ سرسبز بڻائڻ لاءِ اچو ته گڏجي وڻ پوکيون ۽ اُنهن جي حفاظت به ڪريون، وڻ ۽ ٻوٽا وڌڻ سان بيماريون گهٽجي وينديون ۽ ميڊيا کي گذارش آهي ته هر ٻوٽي هڻندڙ جي ڪوريج ڪئي وڃي. اِن کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي ڊي ايڇ او سکر منيراحمد مڱريو ٻڌايو ته هر سال پاڪستان ۾ ٽي بي وگهي 50 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ٿا، سکر ضلعي ۾ 2018ع ۾ 3561 ٽي بي مريضن جو علاج شروع ڪيو ويو جن مان ڪيترائي صحتياب ٿي چڪا آهن، موبائيل ايڪسري وين جي ڪم ڪرڻ سان ضلعي سکر ۾ ٽي بي جي مريضن جي سڃاڻ ۾ مدد ملي سگهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو