سکر ۾ سوا ٽي لک کان مٿي ٻارن کي پوليو ڦڙا پيارڻ جو ٽارگٽ

سکر (امداد علي ڪلوڙ)   ڊپٽي ڪمشنر  سکر رانا عديل  تصور چيو آهي ته پوليو مهم دوران ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن ان سلسلي ۾  ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي ،اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو مهم جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته پوليو مهم دوران ڪمزور يونين ڪائونسلز ۾ ٽيمن جو انگ وڌائي ڪارڪردگي بهتربڻائي وڃي ۽ پنوعاقل مان اضافي ليڊي هيلٿ ورڪز کي ٻين يونين ڪائونسلن ۾ موڪليو وڃي ته جئين ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي. ڊي سي سکر هدايت ڪئي ته لوڪل گورنمينٽ، تعليم ۽ پوليس کاتي جا عملدار پوليو مهم دوران هر يونين ڪائونسل ۾ پنهنجي موجودگي يقيني بڻائين. هن صحت کاتي جي آفيسرن تي زور ڀريو ته  اي پي آءِ جي ڊسٽرڪٽ ايڪشن پلان کي مرحليوار چيڪ ڪيو وڃي. ۽ رهجي ويل ٻارڙن کي هر حال ۾ پوليو جا ڦڙا پيئاريا وڃن ته جيئن ڊي پي سي آر جي ڪارڪردگي متاثر نه ٿئي.  هن وڌيڪ چيو ته پوليو مهم دوران غلط انگ اکر ڏيندڙ يو سي ايم اوز ۽ سپروائيزرز خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ان کان اڳ  ڊي ايڇ او سکر منير احمد مڱريو اجلاس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته  سکر ضلعي ۾ 3 لک 29 هزار 8 سئو 31 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦُڙا پيئارڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي هن مهم ۾ 102 ويڪسينيٽرز ۽ 624 ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ ٻيو عملو توڙي آفيسر پڻ حصو وٺندو. اجلاس دبليو ايڇ او، اين جي اوز ۽ صحت کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو