سکر کان گهوٽڪي ويندڙ ويگن ڪلٽي 7 ڄڻا زخمي

پنوعاقل (ن س) قومي شاهراه تي سکر کان گھوٽڪي ويندڙ ويگن ڪلٽي  ٿيڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين کي تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو. سانگين وٽ تيزرفتاري ۽ اورٽيڪنگ سبب ويگن ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙيون رضيه ۽ مريم، 2 عورتون فوزيه نصيراڻي ۽ مائي شبو ڀٽي ۽ ڊرائيور علي حسن سميت 3 ڄڻا  نور محمد ۽ اجمل ڀٽي زخمي ٿي پيا. زخمين کي طبي امداد لاءِ پوليس موبائل ذريعي تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي. اکين ڏٺي شاهدن موجب ويگن تيزرفتاري ۽ اورٽيڪنگ سبب ڪلٽي ٿي پئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو