سکر ڊويزن ۾ ريل جي پٽڙي 46 جاين تان حساس قرار، حادثن جو خطرو

سکر(بيورو رپورٽ) ڊويزنل سپرنٽنڊنٽ ريلوي سکر پاران تيار ڪيل رپورٽ ۾ 46 ھنڌن تي ريلوي لائين جي حالت خراب ھجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نشاندهي ڪيل خراب ٽريڪ جي فوري مرمت جي ضرورٽ اهي ۽ ڪنهن به وقت حادثو پيس اچي سگهي ٿو. وارن پورشنز ۾ مسافر ٽرينن جي رفتار گھٽ ڪري 10گاڏيون هلايون پيون وڃن. جنھن سبب ٻنھي طرفن جي سفر ۾ ٻه ڪلاڪ وڌيڪ وقت لڳي ويندو آھي. ڪراچي کان پنجاب ويندڙ اپ ٽريڪ تي ٽنڊو آدم کان خانپور تائين 456 ڪلو ميٽر مان 153 ڪلو ميٽر ٽريڪ خراب آهي. رپورٽ موجب 153 ڪلو ميٽر جي متاثره ٽريڪ جي 21 ھنڌن تي انتھائي حساس قرار ڏنو ويو آھي، پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ڊائون ٽريڪ تي خانپور کان ٽنڊو آدم تائين 181 ڪلو ميٽر ٽريڪ شديد متاثر آھي، متاثر ٽريڪ جي 25 ھنڌن تي ٽريڪ جي حالت حساس آھي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻنھي ٽريڪن جي حساس جاين تي مسافر ٽرينن جي رفتار 105 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ کان گھٽ ڪري 10 کان 80 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ڪئي وئي آھي، سکر ڊويزن ۾ 90 ڪلو ميٽر ٽريڪ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جو آھي، جتي ريلوي پٽڙي ھيٺيان ڪاٺ جا بلاڪ وڇايل آھن انهن کي اڃا تائين تبديل ناهي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو