سکر مان اغوا ٿيل نوجوان پر اسرار طور گهر پهچي ويا

سکر(بيورو رپورٽ) پراڻي سکر مان اغوا ٿيل انٽر جا 2 شاگرد ڪالهه رات گهر پهچي ويا آهن. پوليس جي دعويٰ آهي ته هنن ڪچي ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي بعد کين آزاد ڪرايو آهي. اغوا ٿي ويلن ۾ عادل پٽ عيدن ۽ ياسر پٽ ياسين شيخ شامل هئا، جن بابت وارثن چيو هو ته مغوي نوجوانن جي فون تان گهر ڀاتين کي فون آيو ته 60 لک ڀنگ ادا ڪريو، موبائيل تي ايزي لوڊ ڪرايو. وارثن 500 جو ايزي لوڊ ڪرايو هو. پوليس چيو هو ته هو عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيا هئا. علائقي ۾ ڀنگ ڀرڻ جا به چوٻول آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو