سکر قرنطينه مان 56 وڌيڪ ماڻهو گهرن ڏانهن روانا

سکر)جيرام داس(ليبر ڪالوني ۾ قائم آئسوليشن وارڊ ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 56 پانڌيئڙن جي ٽيسٽ نيگيٽو اچي وئي جن کي گهر روانو ڪيو ويو. 77 پانڌيڙن جا هڪ دفعو ٻيهر ٽيسٽ ڪرايا ويا جن مان 56 ماڻهن جا ٽيسٽ نيگيٽو اچي ويا آهن. اها ڳالهه ڪمشنر سکر جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي آهي. هن ٻڌايو ته هن وقت تائين 77 پازيٽو ڪيسن سميت مجموعي طور تي 115 ماڻهو آئسوليشن سينٽر سکر ۾ موجود آهن. ياد رهي ته تفتان بارڊر مان چئن مرحلن دوران 1130 ماڻهن کي سکر منتقل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو