سکر بئراج مان 5 وڌيڪ لاوارث لاش هٿ، ايڌي حوالي

سکر (بيورو رپورٽ) سکر بئراج وٽ سنڌو درياءَ ۾ لاش ملڻ جو سلسلو رُڪجي نه سگهيو. بئراج جي ٻن مختلف گيٽس وٽان وڌيڪ 5 لاش ھٿ ڪيا ويا آھن  سکر بئراج جي گيٽ نمبر 36 تي 3 لاش نظر اچڻ بعد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس ۽ ايڌي رضاڪار پهچي ويا. بئراج جي گيٽ وٽ سنڌو درياءَ ۾ ريسڪيو آپريشن ڪري لاش ڪڍي روھڙي جي تعلقا اسپتال ضروري ڪاروائي لاء ايڌي ايمبولنس ذريعي منتقل ڪيا  ويا  آھن. پوليس ۽ ايڌي اختيارين جو چوڻ آهي ته هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته سکر بئراج جي گيٽ نمبر 41 تي به هڪ لاش ڪڍيو ويو آهي.  واضح رهي ته گذريل ٻن  ڏينهن  دوران  ٽن عورتن جا لاش سکر بئراج جي گيٽ وٽان هٿ ڪيا ويا، جيڪي تمام گهڻا ڳريل هجڻ ڪري سڃاڻپ نه ٿي سگهي ۽ ايڌي اختيارين لاوارث ڄاڻائي دفنائي ڇڏيا ھئا.

پهنجو تبصرو موڪليو