سچل ڳوٺ مان انٽر جا 2 شاگرد کنڀجي ويا، وارثن جو احتجاج

نوشھرو فيروز )ڊ  ر(سچل ڳوٺ ڪراچي مان 2 بيگناھ سنڌي نوجوان بشير شر ۽غلام رسول شر کنڀجي ويا جڏهن ته سندن بازيابي لاء پڊعيدن فلور مل کان سٽي پريس ڪلب  تائين وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو. جن ۾ اسد شر،طالب شر غلام شر جمع خان شر سهيل ڊلو  الطاف انصاري ۽ شر برادري عبدالستار شر استاد بخشل شر، عبدالصمد شر ۽ ٻين  احتجاجي مظاھرو ڪندي چيو ته اعلي تعليم حاصل ڪرڻ ويل فرسٽ ايئر جو شاگرد غلام رسول شر ۽ انٽر جو بشير شر کي بناجواز ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ مان سادا ڪپڙا پهريل ماڻهون پاڻ کي پوليس وارا ڄاڻائي کنڀي ويا جيڪي اڃا بازياب نه ٿي سگهيا آھن۔ هي اسان  سان سراسر ظلم آھي۔آخر اسان سنڌي ماڻھن جو ڏوھ ڪهڙو آهي جو ھر اڀرندڙ سج اسان جا ڳڀرو نوجوان بناھ ڪنهن ڏوھ کنڀي گم ڪيا ٿا وڃن   اسان اعلي احڪامن کان ڀرپور مطالبو ٿا ڪيون ته  جلد کان جلد غلام رسول شر ۽ بشير شر سميت ڪيترن ئي کنڀيل ماڻھن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو