سڄي سنڌ ۾ ماتمي جلوس ۽ مجلسون منعقد، يا حسين جون صدائون

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ ستين محرم الحرام تي ماتمي جلوس ڪڍي مجلسون منعقد ڪيون ويون. هر طرف يا حسين جون صدائون بلند ڪيون ويون. مقرر جاين تان جلوس برآمد ٿيا، سيڪورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. شهزادي قاسم جي ميندي ۽ سيج جا ماتم به ڪيا ويا. مٺياڻي ۾ 8 محرم تي باهه وارو ماتم 20 فٽ ڊگهي ۽ 5 فٽ ويڪري کڏ ۾ ٿيندو. مجلسن ۾ ذاڪرن ڪربلا جو ذڪر ڪري امامن جي قربانين جا قصا ٻڌائي حاضرين جون اکيون آليون ڪري ڇڏيون. شڪارپور جي تعلقي خانپور مان ماتمي جلوس مان گذريل ڏينهن خودڪش بمبار جي گرفتاري بعد حفاظتي انتظام وڌيڪ سخت ڪيا ويا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو