سڄي سنڌ ۾ ماتمي جلوس، هزارين عزادار زخمي ٿي پيا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سڄي سنڌ ۾ اٺين محرم الحرام جي حوالي سان باوفا حضرت عباس جي شهادت جي جي سلسلي ۾ اَلمن، تعزين ۽ ذوالجناح سان گڏ ماتمي جلوس مقرر جاين تان سخت سيڪورٽي ۾ برآمد ٿيا. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، بينظير آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي سميت ننڍن وڏن شهرن جي پڙن ۽ امام بارگاهن ۽ جلوسن جي رستن تي سبيلون به لڳايون ويون. خيرپور مان نمائندي موجب مرڪزي جلوس امام بارگاهه انجمن حيدري کان برپا ٿيو. جڏهن ته امام بارگاهه وڏو علم، قصر زينب ثاني زهرا، قصرحسيني، فيض حسيني، ڇتن شاهه، بچل شاهه، شهيد بادشاهه، ڳاڙهي پل، محمد شاهه، دبير صاحب، گل مير بحر، خاڪي شاهه، نظاماڻي، اڇي کهي، بنارس ڪالوني، پنجتن، لقمان، ڀرڳڙي کان علاوه آس پاس جي علائقن مان 100 کان وڌيڪ ننڍا وڏا پڙ پنهنجن دستوري روٽن تان ٿيندا.

Khairpur Muharam Rally, Photo Sindhyar

ڇٽي چوڪ وٽ مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿيا. ماتمي جلوس ۾ لکين عزادار نوحه خواني، سينا زني، گرز، چاقو ۽ تلوارن سان دستوري ماتمي رستن تي ماتم ڪندا رهيا. ماتمي جلوس دوران ڇٽي چوڪ وٽ علماءِ ڪرام پاران امام حسين عليه السلام ۽ سندس ساٿين پاران اسلام لاءِ ڏنل قرباني تي روشني وڌي وئي بعد ۾ زنجير زني جو ماتم ڪيو ويو.  ماتم دوران 3 هزار کان وڌيڪ زخمي عزدارن کي المجاهد بواءِ اسڪائوٽ، ڪي ڊي سي، جعفريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن کان علاوه مختلف اسڪائوٽس فرسٽ ايڊ ڏني. جڏهن جلوس جي نگراني ڪلوز سرڪٽ ڪئمران جي ذيعي ڪئي وئي. ڊپٽي ڪمنشر خيرپور رجا طارق چانڊو، ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ، رينجرز جي ونگ ڪمانڊر محمد عظيم ،جلوس جي نگراني ڪري گشت ڪندا رهيا ۽ انتظامن جو جائزو ورتو ، جڏهن ته 8 محرم جي ماتمي جلوس ٿيڻ کان اڳ انتظاميه پاران صبح کان ئي پوري شهر کي سيل ڪري داخلي توڙي خارجي رستن تي ڪنڊيدار تارن سان سيل ڪيو ويو هو ۽ ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي تلاشي وٺي پوءِ جلوس ۾ ڇڏيو ويو ، ضلعي انتظاميه پاران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪندي ماتمي جلوس جي نگراني لاءِ 1300 پوليس، 10 رزرور پلٽون، 200 ليڊيز، 1100 رينجرس جي آفيسرن ۽ جوانن کي مقرر ڪيو ويوهو . جڏهن ته اڄ شهر بند رکڻ جو فيصلو ڪندي سمورن روٽن تي رينجرس ۽ پوليس طرفان کوجي ڪتن، بم اسڪاٽ چيڪنگ جاري رکي.

پهنجو تبصرو موڪليو